21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

بيت المقدس بابت آمريڪا جو تڪراري فيصلو: او آءِ سي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

جده(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت القمدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏيڻ واري تڪراري فيصلي جي صورت ۾ اسلامي سهڪار واري تنظيم ( او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي هنگامي طور تي اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب او آءِ سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪا رياست پنهنجي سفارت خاني کي بيت المقدس منتقل ڪري ۽ بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏئي ته ان صورت ۾ سندس 57 ميمبر رساتن کي ان ملڪ سان لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيلي پارليامينٽ صيهوني رياست جو تڪراري بل منظور ڪري ورتو

يروشلم ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي پارليامينٽ اسرائيل کي صهيوني رياست قرار ڏيڻ جو تڪراري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے