25 سومر , جون 2018

لنڊن جو ميئر پاڪستان جي دوري تي: لاهور ۾ شهباز سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) لنڊن جي ميئر صادق خان پاڪستان جي دوري دوران پهرين مرحلي تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. شهباز شريف ۽ لنڊن جي ميئر وچ ۾ ملاقات ۾ ٻرطرفو سهڪار وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ان موقعي تي صادق خان جو چوڻ هو ته لنڊن جو ميئر بڻجڻ کان پوءِ منهنجو اهو پاڪستان جو پهريون دورو آهي، شاندار استقبال ڪرڻ تي پنجاب جي وڏي  وزير شهباز شريف جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته لنڊن هڪ عظيم شهر آهي جنهن کي اهو مقام ڏيڻ ۾ پاڪستانين جو وڏو حصو آهي، لنڊن ۾ موجود ڪيترن ئي سائنسدانن، استادن ۽ بزنس مينن جو تعلق پاڪستان سان آهي.  ذريعن موجب لنڊن جو ميئر لاهور کان پوءِ اسلام آباد ۽ پوءِ ڪراچي به ويندو جتي هو مختلف شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The polling time should be kept from 7 to 7 nights till 8 o'clock: Fawad Chaudhary

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے