27 جمعہ , اپریل 2018

ٽيڪس لاءِ محفوظ پناهه گاهه سڏرائيندڙ ملڪن جي بليڪ لسٽ جاري

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ٽيڪس لاءِ محفوظ پناهه گاهه سڏرائيندڙ ملڪن جي بليڪ لسٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاناما ۽ گڏيل عرب امارتن سميت 17 ملڪن جا نالا شامل آهن. خابرو اداري رائٽرز موجب يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن طرفان متفق طور هڪ بليڪ لسٽ تي اتفاق ڪيو ويو. ان بليڪ لسٽ ۾ اهڙا ملڪ شامل ڪيا ويا آهن جن کي ٽيڪس جي محفوظ پناهه گاهه سمجهيو ويندو آهي، انهن 17 ملڪن ۾ بحرين، بارباڊوس، منگوليا، ڏکڻ ڪوريا، تيونس ۽ گڏيل عرب امارتن جا نالا پڻ شامل آهن. يورپي يونين طرفان في الحال انهن ملڪن خلاف ڪنهن به قسم جي پابندين جي سفارش نه ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي پاناما جي صدر بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي يورپي يونين ۾ مقرر پنهنجي سفير کي واپس گھرائي ورتو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ صدر يُووان ڪارلوس جو چوڻ هو ته هي افسوس جوڳو فيصلو آهي ۽ اسان ان کي انصاف خلاف سمجهندي رد ڪريون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے