17 بدھ , جنوری 2018

پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي قومي مفادن موجب جوڙي رهيو آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي قومي مفادن موجب جوڙي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ خطي جا ملڪ اسان جي ترجيح آهن. پرڏيهي وزير خواجا آصف ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان 80 واري ڏهاڪي ۽ نائن اليون واقعي کان پوءِ پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪري رهيو آهي، انهن دورن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آمريڪي مفادن جي نظر ۾ هئي. هن چيو ته اسان ٻن ٽن ڏهاڪن ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان کان ٻاهر نڪرڻ ٿا چاهيون. افغانستان ۾ امن اسان جو امن آهي جڏهن ته چين هڪ اعتماد جوڳو دوست آهي، جيڪو سي پيڪ ۾ گهڻي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وڌو پيو وڃي جڏهن ته افغانستان جي ٽن صوبن ۾ داعش موجود آهي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن جي افغان صدر اشرف غني سان بگرام ۾ ملاقات به اتان جي صورتحال جو آئينو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے