19 اڱارو , جون 2018

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو نوازشريف جا ريفرنس گڏائڻ بابت درخواست تي 21 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف جا ريفرنس گڏائڻ بابت درخواست تي 21 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني پاران لکيل فيصلي ۾ چيو ويو  آهي ته سپريم ڪورٽ به انهي استدعا کي رد ڪري چڪي آهي، نواز شريف کي ريفرنس گڏائي ٻڌڻ جي استدعا جو حق نه رهيو آهي،درخواستون ميرٽ تي پوريون نه ٿيون لهن، جنهن سبب درخواست کي رد ڪيو وڃي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف نيب جي ٽن ريفرنسز کي گڏ ڪري ٻڌڻ بابت درخواست درخواست ڏني هئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته نيب ريفرنسز ۾ هڪ جهڙا الزام آهن ۽ شاهد به ساڳيا آهن، عدات کي استدعا آهي ته ريفرنسز کي گڏ ڪيو وڃي. اسلام آباد هائيڪورٽ ريفرنسز کي رد ڪندي 21 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق لکيو هو. تفيصلي فيصلي تي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني جون صحيحون به موجود آهي.، جڏهن ته مختصر فيصلو 4 ڊسمبر تي اوپن ڪورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو. فيصلي ۾ چيو ويو  آهي ته سپريم ڪورٽ به انهي استدعا کي رد ڪري چڪي آهي، نواز شريف کي ريفرنس گڏائي ٻڌڻ جي استدعا جو حق نه رهيو آهي، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستون ميرٽ تي پوريون نه ٿيون لهن، جنهن سبب درخواست کي رد ڪيو وڃي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The nomination papers of Pervez Musharraf, Farooq Sattar and Asadullah Khan were rejected

پرويز مشرف، فاروق ستار ۽ اسد الله ڀٽو جا نامزدگي فارم رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي صدر پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاورق ستار ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے