20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ ۾ واڌ، اڄ ڪراچي ۾ تيز هوائون هلنديون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي، موسميات کاتي چيو آهي ته اڄ ڪراچي ۾ تيز هوائون هلنديون، ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، شهرين پاران گرم ڪپڙا خريد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 17 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، شهر ۾ 23 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن . موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي. موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۾ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڪثر علائقن جي موسم ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين خشڪ رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري اسپتالن ۾ کدڙن فقيرن جو الڳ وارڊ، پنجاب جي صحت واري کاتي کان تجويزون طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ کدڙن فقيرن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ الڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے