22 پیر , جنوری 2018

ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ اچڻ بعد شهباز ۽ راڻا ثناءُ کي فوري طور مستعفيٰ ٿيڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ تي شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کان فوري مستعفيٰ ٿيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عام ڪرڻ واري عدالتي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ رپورٽ عام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن تي حڪومت رپورٽ شايع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته باقر نجفي جي رپورٽ جي انڪشاف کان پوءِ وڏي وزير شهباز شريف ۽ قانون واري وزير  راڻا ثناءُ الله کي پاڪستاني شهرين جي قتل تي فوري طور مستعفيٰ ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے