16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سام سنگ هاڻ هٿ پڙهڻ وارو فون تيار ڪندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سام سنگ ارادو ظاهر ڪيو آهي ته هو اهڙي اسمارٽ فون تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪا انسان جي هٿ کي سولائي سان پڙهي سگھندي ۽ ان کي پاس ورڊ طور استعمال ڪندي. سام سنگ ان ضمن ۾ هڪ پيٽنٽ جي درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا توهان جي هٿ جي ليڪن کي پڙهي سگھندي تنهن هوندي سام سنگ چيو آهي ته اها ريتي فنگر پرنٽ ۽ فيس ريلگنيشن جهڙي بايو ميٽرڪ نظام جي جاءِ نه وٺندي ۽ سام سنگ ان طريقن کي جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي. شايد سام سنگ ان کي هٿ جي نشانن سان گڏ پنهنجي اسمارٽ فون کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ چاهي ٿي. هڪ ٻئي تجزيو ڪندڙ موجب سام سنگ مستقبل جي اسمارٽ فون ۾ هٿ کي پاس ورڊ طور استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. جيتوڻيڪ سيڪيورٽي سوالن جا جواب به اهو ڪم ڪري سگھن ٿا پر ان سوالن جا جواب ڄاڻيندڙ توهان جي فون تائين پهچي سگھي ٿو. ان ايجاد ذريعي سام سنگ جي فون توهان جي هٿ جي ليڪن کي نوٽ ڪري کيس لفظن يا پاس ورڊ طور استعمال ڪري سگھندي. سبب ڪجهه به هجي، سام سنگ فون سيڪيورٽي بابت سنجيده آهي ۽ ان ڪري نئين ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪري رهي آهي. تنهن هوندي ضروري ناهي ته پيٽنٽ ملڻ کان پوءِ سام سنگ فوري طور ان کي فون استعمال ڪري پر شايد ان ۾ ڪيترائي ورهيه لڳي سگھن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ 5 ڊجيٽل اشارا پيش ڪري ڇڏيا

سان فرانسڪو (ويب ڊيسڪ) ذهن تي زور ڏيو ته آخري ڀيري توهان فيس بڪ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے