16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو قد نه وڌندو آهي پر اها حقيقت ناهي. هاڻ توهان 18 ورهين جي عمر کان پوءِ به پنهنجي قد ۾ واڌ ڪري  سگھو ٿا جيڪڏهن توهان ڄاڻايل عادتون اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.

صحت مند کاڌو:

اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي قد نه وڌڻ سبب پريشان آهن، کين گھرجي ته هو پنهنجي کاڌي ۾ سبزين، فروٽ، پروٽين ۽ ڪاربوهائيڊريٽس، کير ۽ خشڪ ميون جو گھڻو استعمال ڪن. اهي کاڌا سندن هارمونز ۾ واڌ ڪندا ۽ قد وڌائڻ ۾ مدد ڪندا.

روزانو ورزش ڪريو:

18 ورهين جي عمر کان پوءِ به قد ۾ واڌ ڪرڻ جو هڪ طريقو هي به آهي ته توهان روزاني جي بنياد تي گھٽ ۾ گھٽ 20 منٽن تائين  ورزش ڪريو جيڪا نه رڳو قد وڌائڻ ۾ مدد ڪندي پر توهان تندرست توانا پڻ رهندا.

ڀرپور ننڊ:

پنهنجي عمر جي لحاظ سان ضروري آهي ته توهان رات جو 8 ڪلاڪن جي ڀرپوت ننڊ ڪريو. ننڊ ۾ رنڊڪ يا ننڊ پوري نه ٿيڻ سان به توهان جي قد ۾ واڌ نه ٿيندو آهي.

سگريٽ ۽ شراب پيئڻ کي رد ڪري ڏيو:

جيڪڏهن توهان واقعي قد وڌائڻ چاهيو ٿا ته سگريٽ ۽ شراب پيئڻ رد ڪري ڏيو ان جي جاءِ تي توهان سبزين جو جوس استعمال ڪريو.

جسم کي سڌو رکو:

جسم کي سڌو رکڻ اسان جي فٽنس لاءِ گھڻو ضروري آهي ۽ ان سان قد ۾ واڌ پڻ ٿيندو آهي. اهي فرد جيڪي پنهنجو قد وڌائيڻ جي خواهش رکن ٿا کين گھرجي ته هو پنهنجي جسم کي سڌو رکن ۽ جڏهن ويهن ته 90 ڊگري جو خاص طور خيال رکن.

جسم جي ڇڪجڻ واري ورزش ڪريو:

توهان سڃو ڏينهن ڪنهن به وقت گھٽ ۾ گھٽ 15 منٽن لاءِ اها ورزش ڪريو جنهن سان توهان جو جسم ڇڪجي اها توهان جي لاءِ با حد فائدي واري آهي.

اُس ۾ گُھمڻ:

توهان قد ۾ واڌي لاءِ اُس ۾ صبح مهل گھُمي به سگھو ٿا جڏهن ته کليل ماحول ۾ جاگنگ پڻ ڪري سگھو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جم جا 7 ورزشي اوزار جن تي باٿ روم کان به وڌيڪ جراثيم هوندا آهن…

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ورزش جا شوقين آهيو ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے