25 سومر , جون 2018

شرڌا ڪپور ۽ راج ڪمار رائو ٻئي گڏ ڪاميڊي هارر فلم ۾ ڪاسٽ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ۽ پنهنجي پهرين فلم ”عاشقي 2“ مان شهرت ماڻيندڙ شرڌا ڪپور پهريون ڀيرو اداڪار راج ڪمار رائو سان گڏ هارر ڪاميڊي فلم ۾ جلوا ڏيکاريندي. ان فلم جو پروڊيوسر دنيش ويجان آهي جنهن ان کان پهريان هارر ڪاميڊي فلم ” گو گوا گون“ ٺاهي هئي. اداڪار راج ڪمار رائو پنهنجي هڪ ٽوئيٽر پيغام ۾ مداحن سان پنهنجا جذبا شيئر ڪندي لکيو ته شرڌا ڪپور سان گڏ هارر ڪاميڊي فلم ڪرڻ لاءِ گھڻو بيتاب آهي ۽ فلم جي شوٽنگ جي آغاز جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي شرڌا به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ذريعي مداحن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي پسند جي اداڪار راج ڪمار رائو ۽ هدايتڪار راج ۽ ڊي سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ  ڀرپور جوش ۾ آهي. فلمساز دنيش ويجان موجب ان فلم لاءِ سڀ کان پهرين چونڊ شرڌا ڪپور ئي هئي ۽ هن جيئن ئي اسڪرپٽ پڙهيو ته هن هاڪاري جواب ڏنو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

A lot of discussion was discussed on the matter of changing the name: Sonam Kapoor

نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي آنند سان ڪافي بحث ٿيو: سونم ڪپور آهوجا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے