18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيب ريفرنس: نواز شريف جي وڌيڪ ٻن پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن جا تفصيل عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف نيب طرفان داخل العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي جاري ٿي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ٽن مان هڪ ريفرنس العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ درخواستگذار جو شاهد ملڪ طيب عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو ۽ مسلسل ٻئي ڏينهن به هن رڪارڊ بيان ڪرايو جڏهن ته اڄ نواز شريف جو نمائندو ظافر خان عدالت ۾ پيش ٿيو. اڄ عدالت ۾ نواز شريف جا 2 وڌيڪ پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن جا تفصيل پيش ڪيا ويا.  ٻڌڻي دوران شاهد ٻڌايو ته 11 مارچ 2017ع تي نواز شريف 4 ٽرانزيڪشنز ڪيا، 11 مارچ 2017ع تي 10 لک ڊالر نواز شريف پاڪستاني ڪرنسي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا، 7 فيبروري تي هن پنهنجي اڪائونٽ مان 2200 ڊالر ڪيش ڪرايا ۽ حسين نواز 23 ڊسمبر 2010ع تي 30 هزار پائونڊ نواز شريف ڏانهن موڪليا. شاهد ملڪ طيب ٻڌايو ته 2 مئي 2016ع تي نواز شريف 10 پائونڊ پنهنجي پاڪستاني ڪرنسي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا، 30 اپريل 2016ع تي 10 پائونڊ پنهنجي پاڪستاني ڪرنسي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا، 29 مئي 2017ع تي نواز شريف 2 لک ڊالر پاڪستاني اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا، اپريل 2012ع ۾ 2 لک 10 هزار يورو پاڪستاني ڪرنسي اڪائونٽ ۾ وڌا. نيب جي شاهد جو چوڻ هو ته 15 نومبر 2015ع تي نواز شريف 25 هزار پائونڊ پنهنجي پاڪستاني ڪرنسي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيا، نومبر 2015ع ۾ هڪ لک 90 هزار يورو پنهنجي پاڪستاني اڪائونٽ ۾ وڌا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے