21 ہفتہ , اپریل 2018

سنڌ لاءِ عدالتن ۽ ادارن جو رويو، قانون الڳ ۽ پنجاب لاءِ الڳ آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي وڏا جلسا ڪرڻ جي دعويدار پارٽي جو غرور ٽوڙي ڇڏيو. پيپلز پارٽي جي جيالن لاءِ پريڊ گرائونڊ ننڍو هو، اسان جا اڌ ماڻهو گرائونڊ جي اندر ۽ اڌ ٻاهر هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سيالڪوٽ، جهلم، لالا موسيٰ، ڪشمير ۽ اٽڪ جا جلوس ٽريفڪ جام هئڻ جي ڪري نه پهچي سگهيا، اسان نئين ويزن ۽ نئين قيادت سان گڏ اڳتي وڌي رهيا آهيون، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني جيان سياست ڪندو. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سنڌ لاءِ عدالتن ۽ ادارن جو رويو ۽ قانون الڳ جڏهن ته پنجاب لاءِ الڳ آهي، نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف سنگين ڪيسن جي باوجود نه گرفتاري نه اي سي ايل ۾ نالا وڌا ويا پر شرجيل ميمڻ پاڻ پيش ٿيو پر انصاف نه پيو ملي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ لاءِ امتحان آهي ته هاڻ ٻٽو معيار نه هلندو، افسوس آهي سنڌ لاءِ رويو الڳ ۽ پنجاب لاءِ الڳ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے