23 ڇنڇر , جون 2018

تحريڪ انصاف جو راڻا ثناءُ کان استعيفيٰ جو مطالبو، پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ منظر تي اچڻ کان پوءِ راڻا ثناءُ الله جي استعيفيٰ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءُ پي تي آءِ جي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر مراد راس طرفان جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته باقر نجفي جي رپورٽ موجب راڻا ثناءُ جي صدارت هيٺ آپريشن جي پلاننگ ٿي، ان اجلاس جي نتيجي ۾ معصوم جانيون ضايع ٿيون، ٺهراءَ ۾ معصوم جانين جي ضايع ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومتي سطح تي اهڙي ناقص منصوبابندي ڪئي وئي، قانون واري وزير کي عهدي تان فوري هٽائڻ لاءِ استعيفيٰ طلب ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے