21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

صاف پاڻي نه ڏئي سگهندڙ رياست تي ڪيئن فخر ڪجي، سنڌجي وڏي وزير کي ڦاسايو پيو وڃي:چيف جسٽس

جيڪڏهن صحيح ڪم ڪيو وڃي ته وڏي وزير کي نه گهرائڻو پوندو، صنعتي گندگي سبب سامونڊي گدلاڻ برداشت نه ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بينچ صاف پاڻي جي فراهمي۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت آڏو پيش ٿيو. عدالت گند ڪچرو اڇلائڻ لاءِ ٺوس قدم نه کڻڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو انساني زندگين جو معاملو آهي، آفيسر هڪ ٻن ڏينهن جي مهلت وٺي پنهنجو قبلو درست ڪري وٺن. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اي جي صاحب اوهان جا بيان ته وڏي وزير کي ڦاسائي رهيا آهن، جيڪڏهن اوهان صحيح ڪم ڪريو ته پوءِ اسانکي وڏي وزير کي گهرائڻ جي ضرورت نه پوي ها. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي جٿي عدالت جي سهاري جي ضرورت هجي ته اسين مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر صنعتي گندگي سبب سمنڊ جي آلودگي برداشت نه ڪئي ويندي. ايم ڊي واٽر بورڊ عدالت کي ٻڌايو ته مارچ 2017ع جي فيصلي تحت هو عمل ڪري رهيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ميونسپل اولهه بابت آگاهي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته شهري سپريم ڪورٽ کي خط ذريعي صورتحال کان آگاهه ڪندا آهن، جنهن تي چيف سيڪريٽري کيس آگاهه ڪيو ته گهرن، اسپتالن ۽ سيوريج لائنن جو گند ڪچرو ميونسپل اولهه جي ذمري ۾ اچي ٿو. هن عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ويسٽ مينيجمينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽس جا 4 منصوبا ٺاهيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ روزانو 460 ملين گيلن گند ڪچرو جمع ٿيندو آهي. چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته جون 2018ع تائين ٻن منصوبن ٽي پي ون ۽ ٿري پلانٽس کي فعال ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ڳالهين سان ڪم نه هلندو، لکت ۾ حلف ناما جمع ڪرايا وڃن. ضرورت پئي ته منصوبو ٺاهيندڙن، ٺيڪيدارن ۽ ملازمن سڀني کي طلب ڪري حلف ناما وٺنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽنگيل پارليامينٽ بدقسمتي هوندي، پ پ سنڌ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو:عمران خان

اسلام آباد/ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٽنگيل پارليامينٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے