16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

آصف پ پ جي قيادت باضابطا بلاول حوالي ڪري ڇڏي، حڪومت وقت کان اڳ ڪيرائڻ جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ: ذوالفقار بلوچ+جميل چانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، ڀٽي اقتدار سنڀاليندي 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا، هي ٽيون نسل آهي جيڪو جدوجهد جي علم سان ميدان ۾ سرگرم آهي،  جڏهن به آمريت مڙهي وئي تڏهن تڏهن پيپلز پارٽي بغاوت جو علم بلند ڪيو، ڀٽو جو قافلو ٿڪو ناهي، 71 کان پوءِ جڏهن بچيل پاڪستان سنڀالي نه سگهيا ته پوءِ هنن ملڪ کي ڀٽي جي حوالي ڪيو، هن چيو ته آمرن جي ڪري اوڀر  ۽ اولهه پاڪستان ۾ ويڇا وڌندا ويا، ڀٽو شهيد پاڪستان رياست کي جمهوري آئيني بنياد تي قائم ڪيو، ڀٽي پاڪستان کي مضبوطي ڏني ته غير جمهوري قوتن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ڀٽي شهيد هن ملڪ کي آئين ڏنو، ڀٽي شهيد پاڪستان کي جمهوري ۽ پارلياماني روايتن ڏانهن وڌايو، جمهوري پاڪستان خلاف عالمي ۽ جمهوريت مخالف قوتن سازش ڪئي. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  عوام جي سربراهه کي ڦاهي ڏئي آمر ضيا سمجهيو ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي، شهيد بي بي ضيا آمر جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي، بينظير معصوم ناري هئي پر ان کي غريبن جي طاقت تي ڀروسو هو، ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، بينظير عوام لاءِ جدوجهد نه ڇڏي، شهيد بي بي نواز شريف جي امير المومنين بڻجڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو، ضيا ۽ ان جي ماڻهن عوام جي اميد کي قتل ڪيو. هن چيو ته پ پ  ميراث آهي ۽ اسان ان جا وارث آهيون. هن چيو ته صدر زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، بي بي شهيد 30 سالن جي سياست ۾ رڳو 4 سال اقتدار ۾ رهي، شهيد بي بي مارشل لاريگوليشن جو خاتمو ڪيو، هڪ عورت دهشتگردن خلاف وڙهندي رهي، دنيا ۾ ان جو مثال نٿو ملي. بي بي شهيد آءِ پي پيز ذريعي بجلي آندي، ضياءَ اسلام کي پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو، شهيد بينظير پرويز مشرف جي منافقاڻي پاليسين جي مخالف ڪندي رهي. هن وڌيڪ چيو ته وطن واپسي تي بي بي شهيد دهشتگردن کي للڪاريو، ملازمن کي بحال ۽ مستقل ڪيو ويو، ڌرتي کي آئون بچائيندس ۽ توهان بچائيندا جڏهن ته اسان اقتدار پنهنجي ذات يا پارٽي لاءِ  نه پر عوام لاءِ چاهيون ٿا، اسان ملڪ بچائڻ چاهيون ٿا، جمهوريت واپس آڻڻ چاهيون ٿا، زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ مون جمهوريت بهترين انتقام جو. انقلابي جدوجهد جاري رکنداسين، ملڪ جو عوام ئي طاقت جو سرچشمو آهي، عدالتي، پوليس ۽ سول سروس ۾ سڌارا اسان جي پهرين ترجيح آهي، جمهوريت ئي هن ملڪ کي گڏ رکي سگهي ٿي، اسان جي نظر ۾ جمهوريت ئي ملڪ کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي ۽ پاڪستان کي حقيقي سماجي جمهوري ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته اسلام فرقيواريت کي رد ڪندڙ دين آهي. هن چيو ته پارٽي اڄ قيادت جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي ۽ اڄ اها ميراث ٽئين نسل کي منتقل ٿي رهي آهي. هي پارٽي هر شخص جي ميراث آهي، جيڪو ڪنڌ جهڪائڻ نه ڪپائڻ تي يقين رکي ٿو. هن ملڪ کي جمهوريت ئي هلائي سگهي ٿي. جمهوريت کانسواءِ ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اسان اهڙا سڌارا آڻينداسين جو حڪومت پاڻ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪنداسين. نوجوانن کي نوڪريون ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي، قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين. اسلام آباد ڌرڻي ملڪ ڪمزور ڪيو، ملڪ مذهبي جنونين حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين.1130

اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پ پ جي قيادت باضابطا طور تي پنهنجي پٽ بلاول حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀٽو صاحب ڪالهه به جيئرو هو ۽ اڄ به جيئرو آهي، اسان شهادتن تي يقين رکندا آهيون ۽ شهيد ڪڏهن ناهن مرندا، بينظير ڀٽو توهان سڀني جي ۽ منهنجي اڳواڻ هئي، ذوالفقار ڀٽو ۽ بي بي صاحبا اڄ اسان کي ڏسي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان کي پنج سال مليا، بينظير جا ڪيل واعدا اسان نڀاياسين، اسان پاڪستان کي نئين صورت ڏني، بلوچستان کي ترقي ڏياري، پختوننن کي سڃاڻپ ڏني، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون سين، جمهوريت جو تحفو پ پ ۽ بينظير جي قرباني جو آهي. هن چيو ته مشرف جو ڪو مستقبل ناهي، هو لڪي ٻاهر ويهي رهيو آهي، هن ڏٺو ته سندس ڪو مستقبل ناهي، تنهن ڪري ٻاهر هليو ويو، ميان صاحب ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، اسان ٻه ڀيرا انهن جي جمهوريت بچائي، هاڻ وڌيڪ نه بچائينداسين، اڄ اهي ڀٽو کي مڃين ٿا، بينظير کي مڃين ٿا، الحمد الله هن فقير کي به مڃين ٿا. گاڊ فادر ۽ ڪوڙي خان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي، اسان کي طاقت جي بُک ناهي، جيڪو ملڪ سان ٿي رهيو آهي، ان تي افسوس آهي. سندس چوڻ هو ته اميد ٿو ڪيان منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي ٻارن سان به توهان وفا ڪندئو، توهان ايتري ئي وفا ڪندئو، جيتري شهيد بينظير ڀٽو سان ڪندا رهيا. آصف زرداري چيو ته اسان افغانستان سان لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا، چاهيون ٿا ته افغانستان جو سرحدون مضبوط هجن، اچو گڏجي پاڪ – افغان سرحد کي مضبوط ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت وارئو جيڪڏهن پ پ جو هڪ به ٻار جيئرو آهي، ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي، اڪيلو وڙهڻو پيو ته وڙهنداسين پر ڀارت کي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين. هن پ پ جي قيادت بلاول جي حوالي ڪندي چيو ته دعائن سان اڄ بلاول توهان جي حوالي ڪريان ٿو. هن چيو ته مون آمرن کي چيو هو ته توهان جو ڪو به مستقبل نه آهي. هاڻ هن ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو اهو ووٽ وسيلي ٿيندو. نواز شريف سان وڙهنداسين. مقابلو ڪنداسين ۽ پنهنجي جمهوريت آڻينداسين، ٿي سگهي ٿو هي عبوري حڪومت تائين به نه هجن، اسان کي اقتدار جي بک نه آهي پر افسوس جو ملڪ سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته عبوري حڪومت کان اڳ هي هار مڃي وٺن. هن چيو ته ججن کي ڪجهه نه ٿو چوڻ چاهيان پر پارليامينٽرين جو احتساب ٿيڻ گهرجي.1130

اصل پ پ تباهه ڪندڙن جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن: فاطمه ڀٽو

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو چيو آهي ته پ پ جي گولڊن جوبلي تي پارٽي کي تباهه ڪندڙ ڪيڪ ڪاٽيا ۽ تقريرون ڪيون، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مستقبل ۾ اهي هليا ويندا ۽ اصل پ پ پويان لڪل نظريو ۽ اميدون وري جيئريون ٿينديون. ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عرب خطي جو امير ترين ملڪ سعودي عرب سڀ کان غريب يمن تي حملا ڪري رهيو آهي. ان ۾ سڄي طاقت استعمال ٿي رهي آهي ۽ دنيا خاموشي سان ڏسي رهي آهي.1130

پ پ اسلام آباد فتح ڪري ورتو: بختاور ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ع آ نيوز) پ پ اڳواڻ بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ پ پ اسلام آباد فتح ڪري ورتو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بختاور چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا رنگ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته اڄ پ پ اسلام آباد فتح ڪري ورتو آهي.1130

پ پ جي جوش جذبن جو ڪو مقابلو ناهي: بلاول

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ وارن جو جوش جذبو ۽ پارٽي سان لڳاءُ جو ڪو به مقابلو نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جي جوش جذبي جو جشن ملهائڻ اسلام آباد جلسي ۾ آيل سڀني ماڻهن کي ڀليڪار چوان ٿو.1130

بلاول ڪارڪنن کان ساٿ ڏيڻ جو حلف ورتو

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين ڪارڪنن کان ساٿ ڏيڻ جو حلف ورتو. رپورٽن موجب پ پ جي گولڊن جوبلي جلسي ۾ خطاب ڪندي چيو ته پارٽي اڄ قيادت جي ذميواري مون کي ڏني آهي. هن چيو ته ڪارڪن هٿ مٿي ڪري حلف کڻن ته منهنجو ساٿ ڏيندا، ڪارڪنن هٿ مٿي ڪري ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو.1130

ملير جي سمورن چونڊيل ميمبرن جي شرڪت

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ايم پي اي مرتضيٰ بلوچ، ساجد جوکيو، ايم پي اي شاهينا شير علي بلوچ ضلعي ڪائونسل چيئرمين عبدالله مراد، چيئرمين ڊي ايم سي جان محمد بلوچ، مير عباس ٽالپر، امداد جوکيو، پيپلز ليبر يونين پورٽ قاسم جي صدر نور محمد بلوچ ۽ ٻين اسلام آباد واري جلسي ۾ شرڪت ڪئي.1130

ن ليگ ۽ پ پ جلسي تي اسان کان هزار ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪن ٿيون: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد حسين چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز يا پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسن ۾ فرق پئسن جي خرچ جو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف 30 لک کان به گهٽ خرچ ڪري ٿي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ کي تحريڪ انصاف جي ويجهو پهچڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻا پون ٿا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے