20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪ – آمريڪا لاڳاپا: ڪڏهن نرم ڪڏهن گرم

مدد علي سنڌي

آمريڪا جو بچاءَ وارو وزير جنرل جيمز ميٽس  جي پاڪستان جو دورو ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ محسوس ائين ٿيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ڪڏهن گرم ته ڪڏهن نرم رهيا آهن، ۽ اهي فقط افغانستان تائين محدود ڪونهن، پر تازو ڪجهه سالن  جي اندر آمريڪا، پاڪستان کي هڪ مخصوص عينڪ چاڙهي ڏسڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. جيتوڻيڪ ڀارت وانگر اتي به حڪومتون، سربراهه ۽ پارٽيون تبديل ٿي رهيون آهن.  پر اها تعصب جي عينڪ نٿي لاٿي وڃي. بلڪ هر سربراهه مملڪت آمريڪا اها عينڪ چاڙهي پوءِ پاڪستان کي ڏسي ٿو. ٻيو ته ٺهيو پر هاڻ يعني آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ بعد ويتر آمريڪا جي پاليسي سخت ٿي ويئي آهي. جڏهن پاڻ اها ڳالهه ٿا ڪريون ته پوءِ سوال اهو به اڀري ٿو ته پاڪستان کان آمريڪا آخر ڇا ٿو چاهي. اهو سوال ان وقت به اڀريو هو جڏهن آمريڪي پرڏيهي وزير ٽلرسن 24 آڪٽوبر 2017ع  تي افغانستان جو دورو ڪرڻ  مختصر دوري تي پاڪستان پهتو هو. ۽ 4 ڪلاڪن کان پوءِ  هو ڀارت روانو ٿي ويو هو. ان وقت به چيو اهو پئي ويو ته آمريڪي پرڏيهي وزير ڪجهه مطالبا کڻي پاڪستان آيو هو. ان وقت چوڻ ائين پئي آيو ته آمريڪا جو مطالبو هو ته پاڪستان دهشت گردن جي خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آڻي. پر پاڪستان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ شدت پسندن جي خلاف هڪ ته ڪاروائي اڳي ئي هلندڙ آهي، ٻيو ته شدت پسندن جون پناهگاهون  پاڪستان ۾ نه پر افغانستان ۾ آهن. ان وقت به آمريڪي صدر ٽرمپ جو 21 آگسٽ 2017ع تي ڏنل  اهو بيان  هر ڪنهن جي آڏو سوال ٿي اڀريو هو، جنهن ۾ هن چيو  هو ته آمريڪا پاڪستان ۾ هاڻ دهشت گردن جي پناهگاهن جي  معاملي تي خاموش نٿو ويهي سگهي. اهڙين حالتن ۾ ڀلا پاڪستان ۽ آمريڪي لاڳاپا سرد ۽ گرم نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ اهڙين حالتن جي پس منظر کي آڏو رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته:

آمريڪا پاڪستان سان دوستي جو حق  نه ادا ڪيو ، بلڪ خود آمريڪا جي غلط پاليسين سبب پاڪستان ۾ دهشت گردي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جو بنياد ورتو. ساڳئي جڏهن پاڪستان دهشت گردي جي خلاف جنگ شروع ڪئي ته آمريڪا دهشت گردي جي خلاف انهيءَ جنگ ۾ رڪاوٽ وڌي.

گذريل 4 کان 5 سالن ۾  ايف 16 ٿيندڙ جنگي جهازن جيڪي دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اهم هٿيار رهيا آهن. اهي آمريڪا  جي چوڻ تي اردن ڏيڻ کان انڪار ڪيو .

آمريڪا جي پاليسين سبب 50 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ آيا، پر ان کان پوءِ پاڪستان جي ڪا به مدد نه ڪئي ويئي، ۽ نه وري افغان پناه گيرن کي واپس افغانستان موڪلڻ ۾  آمريڪا ڪا اڳڀرائي . جڏهن ته آمريڪا کي معلوم هو ته انهن افغان پناهگيرن جي پاڪستان اچ وڃ سبب خود سوين دهشت گرد پاڪستان ۾ داخل ٿي ويا آهن.

اها آمريڪا جي ذميواري هئي ته افغان پناهگيرن ۾ افغانستان ۾ آباد ڪيو وڃي ها.

ڀارت ، پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، پر آمريڪا ڀارتي زهر بابت ڪو به رد عمل ظاهر نه ڪيو.

آمريڪا جي مسلسل ڌمڪي واري بيانن پاڪستان لاءِ ڪيترا مسئلا پيدا ڪيا.

آمريڪا پاڪستان تي ته الزام هنيا پر ڳالهه کان ڪن لاٽار ڪري  پيو ته اهي ڪهڙا عناصر آهن، جيڪي افغانستان ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ملوث آهن. طالبان کي ڪير هٿيار ن جا انبار وڪڻي رهيا آهن ۽ شدت پسندن  تنظيمن کي افغانستان ۾ آڻي آباد ڪري رهيا آهن.

پاڪستان دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪرڻ  جو ڪو به ثر آمريڪا قبول نه ڪيو. نه رڳو اهو بلڪ فغانستان ۾ طويل عرصي کان هڪ غير مستحڪم صورتحال سبب هڪ اعتدال پسند رياست يعني پاڪستان جون حالتون متاثر ٿيون. پر ان جو ڪو به اثر نه ورتو ويو.

پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ والاريل ڪشمير جي تڪراري مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ آمريڪا ڪا به توجهه نه ڏني جڏهن ته پاڪستان اهو موقف آمريڪا آڏو سمورو ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين مستقل امن قائم ٿي نه سگهندو، جيسيتائين ڪشمير سميت سمورن تڪراري مسئلن کي حل نٿو ڪيو وڃي.

انهن اهم ڳالهه جي اهميت کان آمريڪا انڪار ڪيو ته دهشت گرد نه پاڪستان جا دوست آهن، نه وري اهي پاڪستان جا پراڪس آهن. جڏهن ته پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان سان برابري جي بنيادي مستقل امن قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ خواهشمند رهندو.

بهرحال آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس جي تازي پاڪستان واري دوري کان  پوءِ جا اخباري اطلاع ڪجهه هن ريت آهن:

پاڪستاني قيادت پاران ملڪ اندر دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون هئڻ جا الزام رد، قومي مفاد ۾ بنا فرق ڪاروايون جاري رکڻ جو وچن.

دهشتگردن ۽ عسڪريت پسندن خلاف ڪاروايون ٻيڻ تي وڌايون وڃن: آمريڪا جو پاڪستان کان مطالبو.

هڪ ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتل آمريڪي وزير دفاع جي هوائي اڏي تي پرڏيهي آفيس جي عملدارن  طرفان آجيان.

جيمز ميٽس جون وزير اعظم شاهد خاقان ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون . پاڪستان محفوظ ٺڪاڻن خلاف ڪاروائي نه ڪئي ته آمريڪا ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور هوندو ( سي آءِ  اي سربراهه)

ڪجهه ڌريون افغانستان ۾ دهشتگردي لاءِ اڃا به پاڪستاني سرزمين استعمال ڪري رهيو آهن. (جيمز ميٽس) پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڪي به محفوظ پناهگاهون ناهن. چئن سالن ۾ حاصل مقصدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن جاري رهندا (وزيراعظم) اسان جي پاران مامرن جي نشاندهي ڪرڻ جو مطلب مطالبو ڪرڻ نه پر گڏجي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ آهي. آمريڪا پاڪستان جا جائز کُٽڪا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي (آمريڪي وزير)

پاڪستان مشڪلاتن باوجود خطي ۾ امن لاءِ حصي  کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. آرمي چيف

آمريڪي وزير کي افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ ۽ افغان مهاجرن جي واپسي جي حوالي سان تحفظات کان آگاهه  ڪيو، آمريڪي دفاع واري  وزير جيمز ميٽس

پاڪستان مان دهشتگرد ۽ عسڪريت آپريٽ ڪرڻ جو الزام غلط آهي. جڏهن ته دهشت گردن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ٻيڻ  تي وڌايون ويون آهن. پاڪستاني قيادت  پاران ملڪ اندر دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون هئڻ جو الزام رد، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي خلاف قومي مفادن ۾ بن امتياز ڪاروائي جاري رکڻ جو عزم ،

انهن مختصر اطلاعن  جي روشنيءَ ۾ اچو ته ڪجهه تفصيلي معلومات تي بحث ڪريون. معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آيل آمريڪا جي دفاع واري وزير جيمز ميٽس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي.پر ان کان اڳ آمريڪي دفاع واري وزير جي اسلام آباد هوائي اڏي تي پهچڻ وقت ڪنهن وفاقي وزير بدران پرڏيهي آفيس جي عملدارن آجيان ڪئي. اها هڪ اهم ڳالهه هئي هن دوري جي ان کانپوءِ  وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد سان ڳالهائيندي آمريڪا جي دفاع واري وزير جنرل جيمز ميٽس چيو ته سندس دوري جو اهم مقصد پاڪستان سان ڊگهي مدي لاءِ مثبت ۽ مستحڪم لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل گنجائش ڳولڻ آهي. هن پاڪستان سان آمريڪا جي ڊگهي عرصي کان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته کيس دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي جاني ۽ مالي قربانين جي بخوبي ڄاڻ آهي. ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي اهليت جو ذاتي طور احترام ڪري ٿو. هن جو اهو به چوڻ هو ته آمريڪا خطي مان دهشتگردي جي مڪمل طور خاتمي واري گڏيل مقصد لاءِ گهرا لاڳاپا جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.  ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا سان ڊگهي عرصي کان لاڳاپن جي نشاندهي ڪندي ٻنهي ملڪن ۾ گهڻ رخي بنيادن تي مضبوط ڀائيواري تي زور ڏيندي چيو  ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام  پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ملڪ  فائديمند ناهي. اهو درست آهي ته سرحدي خطي ۾ ڊگهي مدي جي استحڪام ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل مفاد آهي. وزيراعظم آمريڪا جي افغانستان سرزمين پاڪستان خلاف  استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ واري عزم جي ساراهه ڪئي آهي. پاڪستان ۾  دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ۽ امن  امان جي صورتحال ۾ بهتري تي روشني وجهندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان جي قومي مفاد ۾ آهي. ان ڪري گذريل چئن سالن دوران آپريشن سبب حاصل مقصدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنياد تي آپريشن سبب سموري  ملڪ ۾ جاري رهندا. وزير اعظم آمريڪي  وفد تي تي واضع ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڪي به محفوظ پناهگاهون ناهن ۽ سموري قوم هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي واري واعدي  تي قائم آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سان آمريڪي دفاع واري وزير جيمز ميٽس جي ملاقات دوران موجود پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت موقف اختيار ڪيو  ته پاڪستان سمورن دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪاروائي ڪري رهيو آهي.

آمريڪي دفاع واري وزير  جو چوڻ هو ته هو پاڪ فوج ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتي آپريشن جو احترام ڪري ٿو. هن ان تي تحفظات جو اظهار ڪيو ته  ڪجهه ڌريون افغانستان ۾ دهشتگردي واري ايجنڊا لاءِ پاڪستان جي سرزمين اڃا استعمال ڪري رهيا آهن. هن آرمي چيف کي خاطري ڪرائي ته آمريڪا پاڪستان جا جائز تحفظات حل ڪرڻ  لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس مامرن جي نشندهي ڪرڻ جو مقصد مطالبو ڪرڻ نه پر گڏجي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان جي خدشن کي سمجهڻ تي وزير دفاع جي تعريف ڪندي  چيو ته اسان پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪري ڇڏيون آهن پر ان امڪان کي ڏسڻ لاءِ تيار آهيون ته ڪي عنصر افغان مهاجرن مان پاڪستان جي ميزباني جو ناجائز فائدو وٺي پنهنجي افغان ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي. ملاقات دوران ٻنهي عسڪري اڳواڻن هڪ ٻئي جا کٽڪا ختم اثرائتا قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ٻئي طرف جڏهن پاڪستان ۽ آمريڪي ناتا بهتري طرف وڃڻ جي ڪوشش ۾ آهن، ته ان وقت آمريڪي ڳجهي اداري  سي آءِ اي جي سربراهه مائيڪ پومپو  جو اهو موقف البت ڏکيو ۽ اڻ وڻندڙ هو، جنهن ۾ هن ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان  ملڪ اندر دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي ڪري کين ختم نه ڪيو ته آمريڪا پاڻ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪيليفورنيا ۾ نيشنل ڊفينس فورم کي خطاب دوران مائيڪ  جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن جا محفوظ ٺڪاڻن خلاف ڪاروائي ڪري ٿو ته اسان جي محبت ۽ ڌيان ان سان گڏ آهي. جيڪڏهن پاڪستان دهشتگرد ٺڪاڻا تباهه ڪندو ته ان سان اسان کي افعانستان ۾ به دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊونالڊ ٽرمپ انتظاميا چاهي ٿي ته پاڪستان نئين افغان پاليسي تي عمل ڪري. هن اهو به چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ٺڪاڻن سبب آمريڪا افغانستان ۾ اهو نه  پيو ڪري سگهي. جيڪو ان کي ڪرڻ گهرجي پاڪستان  جيڪڏهن آمريڪي آڇ کي رد ڪيو ته ٽرمپ انتظاميا پاڻ انهن ٺڪاڻڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيا ذريعا استعمال ڪندي. ان موقعي تي سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ليون ڀانيٽا اهو الزام هنيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود آهن. جيڪي افغانستان ۾ حملا ڪري واپس پاڪستان هليا وڃڻ ٿا. پاڪستان پنهنجي ان پاليسي سبب هميشه سواليا نشان رهيو آهي.  اهو هڪ وڏو الزام هو جڏهن ته حقيقت ۾ ا هي ابتڙ جيتوڻيڪ اهي سموريون ڳالهيون تمام اهم آهن، پر پرڏيهي وزير خواجا آصف  جو موقف آهي ته  آمريڪي دفاع واري وزير جيمز ميٽس اعتماد جي بحالي جي عزم جو اظهار ڪيو. ۽ جيمز ميٽس ڪو سخت پيغام نه ڏنو بلڪ  اسان  کيس چيو ته آمريڪا مدد بدران ايف 16 جهازن جي فراهمي روڪي اسان کيس چيو ته اسان کي امداد جي ضرورت ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جيمز ميٽس کي چيو ته افغان پناهگيرن جو مسئلو به حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.  اسان پاڪستان مان سمورا دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان ۾ 128 مان 125 حملا افغانستان جي سرزمين تان ڪيا ويا. جڏهن جيمز ميٽس سان هڪ ئي اسڪرپٽ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جيمز ميٽس چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ڏي وٺ وارو رويو رکيو.

انهن حالتن ۾  اهوئي چوندا سين ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ناتا جيڪڏهن نرم ۽ گرم رهيا آهن  پر ان هوندي به آمريڪي قيادت کي پنهنجي سخت ۽ گرم پاليسي خصوصي طرح پاڪستان سان بند ڪري معروضي حالتن موجب هڪ اهڙي پاليسي ٺاهڻي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ملڪ سان ٻيهر اعتماد واري فضا قائم ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے