17 اربع , جنوري 2018

حڪومت جو ڪم سهولتون ڏيڻ هوندو آهي، کسڻ نه!

 زرار پيرزادو

  • اسان حڪومت جي انهيءَ حڪمت عملي جي شديد مذمت ٿا ڪريون ته اها مذهبي ڏڻن تي سيڪيورٽي جي اوٽ ۾ موبائيل فونن کان پوءِ نيٽ جي سروس به بند ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي آهي.
  • انهيءَ افسوس جوڳي حڪمت عملي جي شروعات پ پ جي اڳوڻي وفاقي حڪومت ۾ رحمان ملڪ قائم ڪئي هئي جيڪا هاڻي روايت بڻجي وئي آهي.
  • هاڻي جڏهن به مذهبي ڏڻ ايندا آهن ته حڪومت دهشت گردي کان بچڻ لاءِ مواصلات جو سڄو عوامي نيت ورڪ ئي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
  • انهيءَ سلسلي ۾ وزير اعظم نواز شريف جي نااهلي کان پوءِ سندس ڪرسيءَ تي ويٺل خاقان عباسيءَ اها شرم جوڳي روايت به قائم ڪئي ته هن ڌرڻي تان مذهبي ماڻهو اٿارڻ واري آپريشن جي موقعي تي خانگي ٽي وي چينلن جي نشريات به معطل ڪري ڇڏي.
  • باوجود ان جي ته اهي حڪومتون پاڻ کي ”عوامي“ ۽ ”جمهوري“ حڪومتون سڏائين ٿيون ۽ راتاهو به عوام کي ڏين ٿيون.
  • کين انهيءَ ڳالهه جو احساس ڇو ناهي ته موبائل، انٽرنيٽ ۽ ٽي وي چينل بند ڪرڻ جي معنيٰ عوام کي نه رڳو ملڪي معاملن کان اڻ ڄاڻ ڪرڻ هجي ٿو پر ذاتي نوعيت جي رابطن کان محروم ڪري کين ڪيڏو نه پريشان ڪيو وڃي ٿو.
  • اصولي طور تي حڪومت کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن اپائن وٺڻ تي سوچڻو پوندو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ عوام کي تڪليف رسي..
  • مطلب ته سيڪيورٽي ادارن کي دهشت گردن جي نيٽ ورڪ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته عوام کان اٽي ۾ لوڻ برابر سهولتون به کسيون وڃن.
  • ملڪ جي سڀ کان گهڻي بجيٽ دفاع تي خرچ ڪئي ويندي آهي، ٻيو ته 2001ع کان نائين اليون واري واقعي کان پوءِ ملڪ اندر دهشت گردي خلاف جنگ هلي رهي آهي ۽ اسان جي فوج کي دنيا جي طاقتور ترين فوجي ادارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
  • ان باوجود اسان جي ملڪ اندر ڪرفيو نما سيڪيورٽي جا انتظام ڪري سکڻي ڪرڪيٽ جي ميچ ڪرائي ويندي آهي.
  • جيڪڏهن 18 سالن کان دهشت گردي خلاف جنگ ڪرڻ باوجود اسان ملڪ اندر نارمل انداز ۾ عالمي ڪرڪيٽ ميچ به نٿا ڪرائي سگهون ته پوءِ اها ڪهڙي ٿي ڪارڪردگي؟
  • انهيءَ حوالي سان اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته مسئلو ”سيڪيورٽي“ جو نه پر ”پاليسي“ جو رهيو آهي.
  • رياستي ادارا چاهن ته دهشت گردن جي نيٽ ورڪ کي ايئن مفلوج ڪري سگهن ٿا جيئن ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي نيٽ ورڪ کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو آهي.
  • ۽ ايم ڪيو ايم جو دهشت گردي وارو نيٽ ورڪ سيڪيورٽي ادارن ”طاقت“ نه پر ”پاليسي“ سان ختم ڪيو آهي.
  • سو مسئلو سيڪيورٽي جي ڪمزوري نه پر پاليسيءَ جو آهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن سيڪيورٽي جو مسئلو هجي ها ته پوءِ سنڌي ميڊيا ڪيئن موبائلون بند ڪرڻ کانسواءِ سڄي سنڌ اندر ”ثقافتي ڏڻ“ ملهائي ڏيکاريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے