18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

”اڃا به آهي چنڊ اڱڻ ۾!“

محمد خان دائود

اُهي دليون ڪئين نه اُداس ٿين جن جا پنهنجا انهن جي قريب ناهن.اُهي جيڪي دليون انهن سان ڏک سُک ونڊيندون هيون.جيڪي دليون انهن کان ناراض ٿينديون هيون.جيڪي دليون وري ائين پرچي وينديون هيون .جئين معصوم ٻار پاڻ ۾ پرچي ويندا آهن.يا جئين محبت جا مينهن وسندا آهن.اُهي دليون جيڪي ڌار ڌار هوندي به ڳنڊيل هونديون آهن.ائين ڳنڊيل هونديون آهن.جئين

جئين ڪي ڪارا ڪجرا نين پاڻ ۾ ڳنڊيل هوندا آهن.

پر هن چنڊ جي من موهيندڙ نظاري انهن دلين کي اُداس ڪري ڇڏيو آهي.جيڪي دليون سنڌ ڌرتي ۾ ڪيتري ئي وقت کان بيقرار آهن.انهن دلين کي ڪو به قرار ڪونهي.۽ انهن کي قرار اچي به ته ڪئين؟!

اُهي دليون جن دلين کان پنهنجا ڳيرا نٿا وسرن .اُهي ڳيرا جيڪي پنهنجي گهرن ۾ سياسي علم جي جوت جلائيندا هُئا،اُهي ڳيرا جيڪي مينائن کي تمام ويجهو هُئا.جيڪي هر وقت هُو هُو هُو پيا ڪندا هُئا،انهن ڳيرن لاءِ اُهي مينائون ڪيڏيون نه اُداس آهن .جيڪي مينائون اهو نٿيون ڄاڻن ته اُهي ڳيرا الا هي موٽندا به الائي نه؟!

خبر ناهي انهن کي ڪير ورائيندو جيڪي ڪيڏاهن گُم ٿي ويا آهن ؟ڪا خبر ناهي.جيڪي سچ هُئا.سونهن هُئا.جيڪي آدرش هئا.جيڪي سياسي سمجهه هُئا.جيڪي پيار ڀريو پورهيو هُئا،جيڪي اصول هُئا.جيڪي محبت هُئا. جيڪي جذبو همٿ هئا.جيڪي انڪار هُئا.جيڪي اعلان هئا. ۽ اعلان جيڪو گونگو نه هوندو آهي.هوُ جيڪي سياسي سمجهه هُئا.هوُ جيڪي ڏاهپ ڀريا سوال هُئا.جيڪي تند هُئا.جيڪي تار هُئا.جيڪي گفتار هُئا.جيڪي ڪوئي اجرو پل هُئا.جيڪي ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي رڙ هُئا.جيڪي عشق جي خبر هُئا.جيڪي وفا جهڙو واعدو هُئا. جيڪي ڌرتي جهڙي ڏاهپ به هُئا،جيڪي خبر ناهي ته ڪٿي آهن؟پر اُهي آزاد آهن جيڪي بس جواب ئي جواب آهن.انڌا جواب.سولا جواب.گونگا جواب. هاڪار جهڙا جواب.

بي وقوف جي ياري جهڙا جواب.

هن دنيا هميشه مشڪل سوالن جي چپن تي تالا بندي ڪئي آهي.اُهي سوال جيڪي جسم مان ڇرڪ ڪڍرائي ڇڏيندا آهن پر انهن جوابن جا منهن هميشه کليل ئي هوندا آهن جهڙا جواب انهن ماڻهو کي گهرجن. جيڪي سوال جي زهر کان ڊپ ڪندا آهن. جڏهن اُهي سوال انهن همراهن جو پيڇو نه ڇڏيندا آهن. ته هو انهن سوالن جي سيني ۾ زهر کان ويندي گولين تائين سڀ ايذاءَ لاهي ڇڏيندا آهن.

دنيا ۾ جيڪي جتي جتي به انسان ڪاري رات جي اونداهيءَ جئيان گم ڪيا ويا آهن. انهن جو پهريون ڏوهه ئي اهو آهي ته هو بس سوال پُڇا ڪندا هُئا.يا ته انهن جا وجود ئي سوال مثل هُئا.جيڪو انهن همراهن کان برداشت ئي نه ٿيو جيڪي پاڻ به بس جواب آهن اهڙا جواب جنهن لاءِ لکيو ويندو رهيو آهي ته“ڇا حڪم آهي منهنجا آقا؟!“

جڏهن اهڙن ڪردارن کي حڪم ملندو آهي ته پوءِ جوابن جهڙا ڪردار سوالن جهڙن ڪردارن مٿان ليڪ ڦيرائي ڇڏيندا آهن .جنهن سان اُهي تمام سوال ممنوع بڻجي ويندا آهن.اُهي سوال به جيڪي  هر دور جا سوال رهيا آهن .اُهي سوال به جيڪي ماضيءَ ۾ ته سوال هُئا پر هاڻ پاڻ بيڪار جواب ثابت ٿيا آهن.اُهي سوال به جيڪي پنهنجي جواب لاءِ اڃايل هوندا آهن ۽ اُهي سوال به جيڪي اچڻ واري وقت لاءِ مشڪل سوال هوندا آهن .پر اُهي ڪردار جيڪي بس جواب هوندا آهن اُهي پنهنجي آقائن جو حڪم وٺي انهن تمام سوالن کي هڪ ئي لائن ۾ بيهاري انهن مٿان ليڪ ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ اُهي سوال ان وزني ليڪ هيٺان اچي مري ويندا آهن انهن سوالن جا اُگهاڙا لاشا ڪڏهن لنڪ روڊ تان ملندا آهن ڪڏهن شهر جي ويران روڊن تان ڪڏهن انهن جو ڏاڙهيون وڌيل هونديون آهن .ڪڏهن انهن جا مٿا تازا ڪوڙيل هوندا آهن.

پر سوال تي ليڪ ڏيڻ سان.انهن جي مٿي ڪوڙڻ سان .انهن جي ڏاڙهي کي وڌائڻ سان.انهن جي سينن ۾ اگهاڙيون گوليون لاهڻ سان.انهن جي سرد لاشن کي لنڪ روڊ تي ڪيرائڻ سان.انهن جي جسم کي هلندڙ گاڏيءَ مان ٻاهر اڇلائڻ سان ڇا سوال مري وڃن ٿا؟!

نه پوءِ به سوال سوال ئي رهن ٿا ائين ئي جئين اُهي پهرين سوال هُئا .پنهنجي جواب جي ڳولها ۾ .جيسيتائين انهن سوالن کي جواب نٿا ملن اُهي ايستائين اهي پنهنجي جاءِ تي رهڻا آهن .پر اها ايتري ڳالهه اُهي هٿ نٿا سمجهن جيڪي هڪ حڪم تي سڀني سوالن جا گلا دٻائي ڇڏين ٿا.انهن مٿان ليڪ ڦيرائي ڇڏين ٿا.

اُهي به ته سوال ئي آهن جيڪي سنڌ جي ڌرتي مٿان هلندا گهمندا هُئا ۽ آقائن جي حڪم تي گم ڪيا ويا آهن.ڪي سياسي سوال.ڪي ادبي سوال.ڪي لاشعوري سوال.ڪي شعوري سوال.ڪي سياسي ادب جا سوال ڪي ڌرتي کي ماءُ سمجهڻ جهڙا سوال.ڪي ڪهڙا ته ڪي ڪهڙا!

پر هو جيڪو سُپر مون آيو آهي اهيو وري اُن سوال کي به پاڻ سان کڻي آيو آهي ته

“هو ڪٿي آهن؟جن جي گمشدگي کي هاڻي ڏينهن نه مهينا نه پر ورهيه ٿي ويا آهن!“

جيڪي هن ڌرتيءَ تي ڳاڙهي انقلاب جي ڳالهه ڪندا هُئا.جيڪي هن ڌرتي تي رقص جي ڳالهه ڪندا هُئا.جيڪي هن ڌرتي تي لطيف کي ٻيهر سمجهڻ جي ڳالهه ڪندا هُئا.جيڪي پيار جي ڳالهه ڪندا هُئا.جيڪي پرچم جي ڳالهه ڪندا هُئا. جيڪي ڌرتي سان وچن جي ڳالهه ڪندا هُئا.

پر هي جيڪو من موهيندڙ چنڊ سُپر چنڊ آسمان تي ظاهر ٿيو آهي ان چنڊ ان درد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جيڪو درد اڪيلو درد ناهي.جي ها درد ڪڏهن به اڪيلا ناهن هوندا اُهي پاڻ سان سور کڻي ايندا آهن اهڙا سور جيڪي جڏهن هنيا سان لڳندا آهن ته سموري وجود کي هڪ ٻئي درد سان آشنا ڪري ويندا آهن ۽ اهو اهڙو درد هوندو آهي جيڪو اکين مان ظاهر ٿيندو آهي .۽ اکين مان لڙڪ لاڙ ڪري ڪري پوندا آهن .اهيو سُپر مون .من موهيندڙ چنڊ به هن دفعي اهڙو ئي درد کڻي آيو آهي.جيڪو درد ڪنڌ ڪوٽ ۾ به محسوس ڪيو ويو ته.بدين ۾ به جنهن درد ۾ دادو به رهيو ته سيوهڻ به هن بار چنڊ جيترو صاف نظر آيو درد به اُوترو ئي سرس رهيو!

چنڊ درد کي نه گهٽائي سگهيو ويتر درد کي وڌائي ويو.سُپر مون بس آسمان تي ظاهر ٿي ڌرتي ۾ نه لهي ويو آهي پر اهو من موهيندڙ سُپر مُون ته انهن دلين ۾ لهي ويو آهي جيڪي دليون اُداس آهن دلبرن کان سواءِ!

هوُ جيسين اچن تيسين اچو اياز جو اهيو گيت هن من موهيندڙ سُپر چنڊ سان انهن ڪردارن لاءِ ڳائيون جيڪي تمام ويجهو آهن دلين کي جيڪي تمام ڏور آهن پنهنجي گهرن کان ۽ پنهنجي پيار کان!

“ڇاڇا ڇورُ ڇڏي ويو آهي!

اڃا به آهي چنڊ اڱڻ ۾!

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے