17 اربع , جنوري 2018

پيپلز پارٽي جو پاور شو، پنجاب ۾ کيس طاقتور ڪندو يا نه ؟

دوست  حفيظ چنا

تقريبن 10 سال بعد پيپلز پارٽي دارالحڪومت ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڏيکاريو آهي، 27 ڊسمبر 2007 لياقت باغ راولپنڊي ۾محترمه بينظير ڀٽو اليڪشن مهم جو هڪ عظيم و عاليشان جلسو ڪيو ، جنهن بعد جلسي مان نڪرندي بينظير جي شهادت ٿي، ڪافي سالن بعد پيپلز پارٽي ان طرح جي عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته بلاول جو دارالحڪومت ۾ اهو پهريون جلسو هوندو ،  گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي 50 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ پريڊگرائونڊ اسلام آباد شڪر پڙيان ۾ منعقد ٿيو، جلسي کان اڳ جلسي جي اجازت ۾ حڪومت طرفان رنڊڪن باوجود  ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ چئني صوبن مان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ جيالا اسلام آباد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا، سنڌ مان ڪارڪنن جا وڏا جٿا چار ۽ پنج ڊسمبر تي پهتا، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڪابينا ۽ سنڌ جي عوام ۽ ڪارڪنن سميت اسلام آباد جلسي ۾ پهتل هو، پيپلز پارٽي ذريعن موجب جلسي جي پنڊال ۾ 25 هزار ڪرسيون رکيون ويون هيون، پيپلز پارٽي اسلام آباد جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر مطابق پريڊ گرائونڊ ۾ 50 هزار ماڻهن جي رهائش جو انتظام ڪيو ويو آهي،  جڏهن ته جلسي گاهه لاءِ ٻه داخلي دروازا ٺاهيا ويا هئا، پريڊ گرائونڊ ۽ اسلام آباد جي مختلف هنڌن تي پارٽي پرچم ۽ بينرن سان سينگاريو ويو هو، شهر ۾ پارٽي جهنڊن ۽ بينرن تي به ڪافي ڏينهن کان سي ڊي اي ۽ پيپلز پارٽي ۾ چپڪلش هلندي رهي، يعني پارٽي طرفان جڏهن پرچم ۽ بينر لڳايا ويا ته اسلام انتظاميا سي ڊي اي طرفان لاٿا ٿي ويا، انهن سمورين حڪومتي رڪاوٽن باوجود پيپلز پارٽي طاقت جو مظاهرو ڪيو، ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي يا نه ان جو فيصلو ته عوام ڪندو. جلسي سبب اسلام آباد ايڪسپريس کي زيرو پوائنٽ کان فيض آباد تائين عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويوهو صرف جلسي جون ريليون ان تان گذري رهيون هيون، جڏهن ته جلسي جي پس گردائي واري علائقي ۾ ان کان به وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته اسلام آباد جي عام وهنوار تمام گهڻو متاثر ٿيو، اسلام آباد جي عوام کي فيض آباد ڌرڻي کي اڃان وساريوئي نه هو ته اڄ وري شهر ۾ شديد ٽريفڪ جام ۽ روڊ بلاڪ واري تڪيلف کي منهن ڏيڻو پين.

جلسي جي اسٽيج تمام گهڻي مٿاهين ۽ وڏي هئي، جنهن تي تي پيپلز پارٽي جي سموري اهم قيادت موجود هئي، عوامي جلسي ۾ پيپلز پارٽي جيڪا عوام جي پارٽي آهي، ان عوام جي پارٽي جي ليڊرن بلاول ڀٽو ذرداري ۽ آصف علي ذرداري کي ڦل پروف سيڪيورٽي ۾ جلسي ۾ آندو ۽ بعد ۾ نيو ويو، يعني هڪ چواڻي ته پکي پر نه هڻي سگهي، باقي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل عوام ٻنهي عوامي ليڊرن جو ديدار تقريبن 50 فٽ کان اونچي اسٽيج تان ضرور ڪيو هوندو.

جلسي ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري عمران خان کي جعلي خان قرار ڏئي شديد تنقيد جو نشانو ته بڻايو پر مذي جي ڳالهه ته ذرداري صاحب اها تنقيد ان سائونڊ سسٽم تائين ڪئي جنهن تان اسلام آباد ڌرڻي ۾ عمران خان آصف ذرداري تي شديد تنقيد ڪندو رهيو هو، يعني ڊي جي بٽ پيپلز پارٽي جي جلسي ۾ انٽري ٿي.

پيپلز پارٽي جي جلسي جي هڪ خاصيت جيڪا مونکي نظر آئي ته پي ٽي آءِ جي جلسي جيان ڪو نا خوش گوار واقعو نه ٿيو پر تنهن هوندي به پيپلز پارٽي جو جلسو پي ٽي آءِ جي جلسي سان مشابهت ڪافي حد تائين رکي. جلسي ۾ ميوزڪ وارو متعارف ڪرايل لاڙو، سخت لفظن ۾ تنقيد جو انداز  بحر حال 50 سالن جي ڊگهي تاريخ رکندڙ پارٽي کي به 20 سالن جي عمر واري پارٽي جي نقل ڪرڻي پئي. عارف لوهار، آصف ذرداري کي نچڻ تي مجبور ڪيو.

خير سياسي پنڊتن جو چوڻ هو ته ڪالهه وارو جلسو پيپلز پارٽي جي مقبوليت جو فيصلو ڪندو خصوصن ايندڙ اليڪشن لاءِ پنجاب ۾ هٿي ڏيندو، هاڻي ايندڙ وقت اهو فيصلو ڪندو ته اڄ جي جلسي سان پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ ڪيترو فائدو ٿو رسي، پر موجوده صورتحال اها آهي ته پيپلز پارٽي پنجاب ۾ هڪ سيٽ کٽڻ جي پوزيشن ۾ ڪونهي، ٻيو ته جلسي ۾ اڪثريت ٻاهران خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي هئي، ٽيون ته ڇا وڏا وڏا جلسا عوامي طاقت جا مظاهرا  ووٽ جي طاقت ۾ تبديل ٿيندا يا نه ؟

بحر حال آصف ذرداري بلاول عوام جي حوالي ڪري ويو، هاڻي هو پيپلز پارٽي جو حقيقي ليڊر ڪيئن ٿو بڻجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري ڌرڻو، آصف زرداري ۽ عمران خان ۾ اختلاف

مظهر علي خاصخيلي  هڪ دفعو ٻيهر 17 جنوري اربع جي ڏينهن عوامي تحريڪ جي سربراهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے