21 اتوار , جنوری 2018

آمريڪي وزير جو پاڪستاني دورو ۽ ڊو مور جو رينگٽ

غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان اندر انتهاپسند دهشتگردن جي مضبوظ ٺڪاڻڻ بابت آمريڪا جي الزامن کي در ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اندر انتهاپسند دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن،۽ پاڪستان اندر جيڪا دهشتگردي ڪئي پئي وڃي اها سموري دهشتگردي افغانستان مان ڪئي ويندي آهي،عالمي نيوزپيپر(بلوم برگ)کي انٽريو ڏيندي پاڪستاني وزيراعظم چيو ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا ڪي به مضبوط ٺڪاڻا ناهن ۽ نه ئي پاڪستان اندر انهن جو ڪي پناهه گاهون آهن،جيڪڏهن پاڪستان اندر ڪي دهشتگرد آهن ته پاڪستان انهن جي خلاف پاڻ ڪاروايون ڪندو،۽ حقاني نيڪ ورڪ جي بابت جيڪڏهن آمريڪا وٽ ڪا ڳجهي معلومات آهي ته اها پاڪستان حوالي ڪئي وڃي پاڪستان انهن خلاف ضرور ڪاروايون ڪندو،جڏهن ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي پاڪستان جي ٻاهرين ملڪن جي سرحدن کان ٿي رهي آهي،پاڪستان دهشگردن جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون ڪارروايون ڪندو پيو اچي،جيڪڏهن اسان کي ڪير به دهشتگردن جي خلاف ڳجهي معلومات ڏيندو ته انهن دهشتگردن خلاف پاڪستان ضرور ڪارروايون ڪندو،وزيراعظم چيو ته دهشگردن جي جنگ پاڪستان جي آهي ۽ پاڪستان خود انهي جنگ جو مقابلو ڪندو ۽ پاڪستان مقابلو ڪري ڄاڻي ٿو،جڏهن ته حافظ سعيد جي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس آزادي هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جي ڪيل فيصلي کانپوءِ ٿي آهي.جڏهن ته عدالت جو اهو چوڻ آهي ته حافظ سعيد جي خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو،جڏهن ته حافظ سعيد تي صرف ڀارت جا الزام آهن ۽ الزامن تي ڪنهن کي عدالت اندر سزا نه ٿي ڏئي سگهجي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان اندر دهشتگرد هجڻ وارو الزام ڪو نئون ناهي ان کان پهرين ته پاڪستان مٿان افغانستان ڀارت،۽ آمريڪا اهي الزام لڳائيندا ايندا رهيا آهن ته پاڪستان اندر دهشتگردن جا مضبوط ٺڪاڻا آهن،جڏهن ته انهن الزامن کي ڀارت ۽ آمريڪا باربار ورجائيندا رهندا آهن ۽ انهن الزامن کي وٺي ڪري آمريڪا پاڪستان کان هر دفعي ڊو مور جي مطالبو ڪندو رهندو آهي،جڏهن ته آمريڪي بچاءَ وارو وزير جيمز مٽيس ڪالهه پاڪستان جي دوري تي آيو ۽ اها توقع رکي پئي وئي ته آمريڪي دعافي وزير پاڪستان جي جن جن عسڪري توڙي فوجي قيادتن سان ملاقات ڪندو ته انهي ملاقاتن ۾ هو پاڪستان کان هڪ دفعو ٻيهر ڊو مور جو مطالبو ڪندو،جڏهن ته اها پراڻو مطالبو هڪ دفعو ٻيهر ورجايو ويندو.

پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيڪا قرباني ڏني آهي تنهن هوندي ته ڀارت ۽ آمريڪا پاڪستان مٿان اڃان نه الزام بازيون لڳائيندا اچن ۽ الزام بازين کان باز نه پيا اچن،افسوس به انهي ڳالهه جو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان اندر ڪابه دهشتگردي ٿيندي آهي ته پاڪستان بنا ثبوتن جي ڪنهن به ملڪ جو نالو ناهي کڻندو،جڏهن ته ڀارت انهي جي ڀيٽ ۾ اهڙو ملڪ آهي جو ڀارت ۾ جيڪڏهن ڪا ننڍڙي واردات به ٿي وڃي ٿي ته اها پاڪستان جي کاتي ۾ لکي ويندي آهي.

ڀارت اندر ٿيندڙ ڪارروائين جا اهڙا به ثبوت موجود آهن جن واردتن ۽ حملن اندر خود ڀارت جو ايجنسيون ۽ انهتا پسند هندن جا ٽولا ملوث هوندا آهن پر پوءِ به اهي سمورا ڏوهه ڀارت پاڪستان جي کاتي ۾ لکي ڇڏيندو آهي،جڏهن ته ان کان وڌيڪ ته ڀارت جي ميڊيا آهي جيڪا پاڪستان بابت ڊٻليون وڄايندي رهندي آهي ۽ اجايا ٽاڪ شو ڪري اينڪر ويهي پاڪستان جي خلاف بڪواس ڪندا رهندا آهن.

ڀارت جي ڀيٽ اندر هاڻ محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته آمريڪا به ڀارت  جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي،ڇو ته ڊونلڊ ٽرمپ خطي اندر جيڪو امن قائم ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي انهي منصوبي اندر ڀارت ۽ افغانستان کي کلي آزادي ڏني وئي آهي،جڏهن ته آمريڪا جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن هو ڀارت کي افغانستان اندر طالبانن جو خاتمو ڪري ڄاڻن ٿا،پر افعانستان اندر طالبان آهن جن خود آمريڪي فوجين کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا آهن انهن سان مان به سمجهان ٿو ته ڀارتي فوج مقابلو ڪري  سگهي،پر افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي ته ڀارت جي فوج اها فوج آهي جيڪا پاڪستان مان انڊيا ويندڙ ڪبوتر ۽ ڦوڪڻي کان به ڊڄندي آهي سا افغانستان اندر طالبانن جو مقابلو ڪٿي ٿي ڪري سگهي،ڀارت صرف ۽ صرف پاڪستان جي عوام تي سرحدي ڀڃڪڙي ڪري  پاڪستان بي گناهه عوام مٿان حملا ڪرڻ ڄاڻي ٿو،ڇو ته اها فوج بزدل آهي ۽ انهي ڪري بزدلاڻيون حرڪتون ڪندي رهندي آهي،هن وقت ڀارت جي آمريڪا جي اختيارين جو ساٿ ڏئي رهيو آهي، پر ڏٺو وڃي ته پوري نيٽو جو فوج افغانستان اندر موجود آهي ته پوءِ ڀارت جي ڪهڙي ضرورت آهي، هونئن به ڀارت کي اها سموري خبر آهي ته افغانستان جي جبلن ۾ طالبانن سان وڙهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي انهي ڪري ڀارت آمريڪا کي پهرين ئي جواب ڏئي ڇڏيو هو ته هوُ پنهنجي فوج افغانستان اندر نه موڪليندو ۽ ها اها به حقيقت آهي ته ڀارتي ايجنسي را پاڪستان اندر دهشتگردي ڦهلائڻ لاءِ افغانستان جي سر زمين استعال ڪندي رهندي آهي، طور خم بارڊر کان ايندڙ ڀارت جا تربيت ورتل دهشتگرد انهي ڳالهه جو ثبوت آهن ته پاڪستان اندر دهشگردي ڦهلائڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ انڊيا جو آهي ڇو ته اڄ ته را جو ايجنٽ ڪلڀوشن يادو پاڪستان جي جيل اندر ڦاسي جي ڏنل سزا هيٺ قيد آهي.

هن وقت آمريڪي بچاءَ وارو وزير پاڪستان جو دور ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان کان پهرين به آمريڪي بچاءَ وارو وزير پاڪستان جو دورو ڪري چڪا آهن،۽ آرمي چيف سان ملي ڪري هو ملڪ جي سرحد جو دور به ڪري چڪا آهن جڏهن ته اهي پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي به چڪا آهن ته پاڪستان اندر دهشتگردن جو ڪو به مضبوط ٺڪاڻو ناهي،۽ نه ئي پاڪستان اندر سندن پناهه گاهون آهن،جڏهن ته هن وقت به آمريڪي وزير پاڪستاني دوري تي آهي ان ڪري سوال اهو آهي ته پاڪستان اندر جيڪڏهن ڪو ٺڪاڻو ئي ناهي ته پوءِ آمريڪا جو هي ڊو مور وارو ڊرامو آخرڪيستائين هلندو،ها اها ڳالهه ٻي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا انهي باري ۾ ڪي ثبوت ڏئي ٿو ته پوءِ ڳالهه اڃان اڳيان وڌي سگهي ٿي، ڇو ته آمريڪا وٽ معلومات لاءِ هڪ جديد سٽلائيٽ موجود آهي،جيڪو ڪٿي به ڪنهن جي تصوير به وٺي ڪري معاملي جو جائزو وٺي سگهي ٿو،پر سوال اتي اهو به آهي ته اهڙي معلوماتي جديد هٿيارن کان ڪيئن ڪو آمريڪا کان اوجهل رهي سگهي ٿو، ان ڪري هاڻ وقت اهو ئي آهي ته آمريڪا ڊو مور جو مطالبو ڪرڻ جي بجاءِ پاڪستان کي ڪي ٺوس ثبوت پيش ڪري ته بهتر ٿيندو،ته جيئن ثبوتن کي سامهون رکي ڪري پاڪستان انهن دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪري سگهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ظرف جي ڳولا

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے