20 ہفتہ , جنوری 2018

پاڪستان پيپلزپارٽي جو سياسي عهد

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري اعلان ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد محترما بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي سياسي فلسفي کي ساڻ کڻي ملڪ ۾ هرقسم جي استحصالي سماج خلاف سوشل ڊيموڪريسي قائم ڪنداسين ۽ پاڪستان ۾ اپاهج عدالتي نظام جي جاءِ تي نئون صحتمند عدالتي نظام قائم ڪنداسين.

ڪالهه، اسلام آباد ۾ ”پئريڊ گرائونڊ“ تي پارٽي جي 50هين جنم ڏينهن جي لاءِ سڏايل ڪل پاڪستان وڏي سياسي جلسي جي صدارتي تقرير ڪندي هن چيو آهي ته پارٽي جمهوريت کي ملڪ ۽ وفاق جي بقا لاءِ ضروري سمجهي ٿي ۽ ملڪ جي عوام جي خوشحالي واسطي پارٽي شهيد ڀٽو ۽ محترما شهيد پاران شروع ڪيل عوام دوست سڌارن جي روشني ۾ معاشي، پورهيت، عورت، اقليت، تعليم ، صحت، زرعي ، ڳوٺاڻي ترقي، نوجوانن سميت ٻين سڌارن کي ٻيهر جاري ڪري ملڪ مان ظلم جو خاتمو ڪنداسين. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران منظور ڪيل 18هين آئيني ترميم جي روشني ۾ قومي مالياتي ايوارڊ، آغازِحقوق بلوچستان، فاٽا جو خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ، گلگت بلتستان جي ڀلائي ۽ پاڪستان ۾ عدالتي توڙي پوليس ۽ سول ملازمتن ۾ سڌارن جي شروعات شامل آهي، کي وڌيڪ سگهارو ڪيو ويندو.

پ پ پ  اڳواڻ تازو اسلام آباد ۾ 21 ڏينهن واري مذهبي ڌر پاران لڳايل ڌرڻي تي تبصرو ڪندي چيو ته ان وسيلي جيئن رياست جو اختيار ۽ قانون جي حڪمراني کي ضربون لڳايون ويون، ان کان اڳ سوات ۾ به پاڪستان جهنڊو لڳائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو هو، پر پيپلزپارٽي هر قسم جي مذهبي نفرت توڙي رياست کي لڳل خطرناڪ چئلينج ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.

هن چيو ته ڀٽو شهيد ۽ محترما جو پاڪستان بحال ڪرڻ ۽ ان کي بدليل حالتن موجب بهترين بڻائڻ لاءِ کين ڪئين دريا پار ڪرڻا آهن، سندن اڳواڻن جي اڌ ۾ رهيل 50 ورهين جي جدوجهد ڪرڻي آهي، نئون سماج ٺاهڻو آهي  جيڪو مذهبي نفرتن، هرقسم جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوامي حڪمراني  واسطي پارٽي اڳواڻن ۽ پارٽي ۾ جان ڏيندڙ شهيدن جو قسم کڻي چئون ٿا ته ان نظرئي کي حقيقت جو روپ ڏينداسين.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، پاڪستان پيپلزپارٽي ڪنهن جو شخصي ورثو ناهي، هي انهن ماڻهن جو ورثو آهي، جيڪي مذهب ۽ سياست کي الڳ الڳ ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪي صوبن جا حق، عورتن  ۽ اقليتن جي برابري جا حق چاهين ٿا. هن چيو ته اسان هميشه غيرمعمولي حالتن ۾ اقدار سنڀاليو آهي، اسان پنهنجي ذات ۽ پارٽي لاءِ نه پر اقتدار عوام لاءِ چاهيون ٿا. هن پارٽي جي باني جناب ذوالفقارعلي ڀٽي تي ڳالهائيندي چيو ته 1971ع ۾ جڏهن شهيد ڀٽي کي اقتدار ڏنو ويو ته ملڪ خراب حال ۾ هيو. آمرن کان ملڪ سنڀالجي نه سگهيو. فوجون قيد هيون. جڏهن آمريت کان اقتدار سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو ته شهيد ڀٽي کي اقتدار ڏنو ويو. جناب ڀٽي نئين رياست، نئين سماج ۽ پاڪستاني رياست کي جمهوري، وفاقي پاڪستان بڻائڻ لاءِ، شڪست کاڌل رياست جا ڪک ڪانا ميڙي ان کي گڏ ڪيو، 90 هزار جنگي قيدي واپس ڪرايا، اهم آئين ڏنو، ملڪ ۾ وڏا وڏا ادارا ڏنا.

محترما بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي سندس خدمتن ۽ قربانين جي وچور پيش ڪندي هن چيو ته هن 30 ورهيه سياسي جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ کيس رڳو چار سال اقتدار مليو. باقي 26 سال هوءَ آمريت خلاف وڙهندي رهي. عوام جي حقن لاءِ وڙهندي رهي. هن جي حياتي جنرل ضيا جي آمريت خلاف انساني قدرن جي بحالي واسطي جدوجهدن ۾ گذري. هوءَ سکر جيل جي ساڙيندڙ گرمي ۽ تنهائي واري قيد ۾اڏول رهي، ملتان ايئرپورٽ تي اٽل رهي. سندس والده بيگم نصرت ڀٽو تي لٺيون وسايون ويون ته به هن همت نه هاري ۽ جڏهن کيس غيرمعمولي حالتن ۾ اقتدار مليو ته هن ٿوري وقت ۾ عورتن لاءِ وومين بئنڪ، عورتن جي وزارت ٺاهڻ سان گڏ پورهيتن جي ٽريڊ يونين تي پابندي هٽائي ڇڏي. ملڪي بچاءَ لاءِ ميزائيل ٽيڪنالاجي ڏني.

هن چيو ته جڏهن محترما کي قتل ڪيو ويو ته پاڪستان انتهائي مايوسي جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿي ويو هيو. ان جي ٽيجهي تي مون کي پارٽي جون واڳون ڏنيون ويون. مون عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪيو، اسان کي خبر آهي ته ”جمهوريت بهترين بدلو آهي“ سو ان مايوسي جي خطرناڪ دور ۾ به اسان جمهوريت، چونڊن ۽ عوامي حقن تان دستبردار نه ٿياسي ۽ صدر زرداري ان دور ۾ به ”پاڪستان کپي“ جو نعرو لڳايو.

هن پارٽي فلسفي کي بيان ڪندي، پارٽي جي پهرئين بنيادي فلسفي کي ٻيهر ورجائيندي چيو ته اسلام اسانجو دين آهي، جيڪو هرقسم جي نفرت، دهشتگردي، فرقيواريت ۽ ظلم کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته جمهوريت کانسواءِ نه ملڪ هلندو نه وفاق هلي سگهندو. اقتدار عوام لاءِ هجڻ گهرجي. ڇوته عوام ئي طاقت جو سرچشمو آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي 50 ورهين ۾ ڪيئي لاهاچاڙها ڏٺا آهن. سازشن، زخمن ۽ اندروني مسئلن ۽ غلط پاليسين يا اصلي پاليسين جي جاءِ تي غيرحقيقي پاليسيون لاڳو ڪرڻ جي ڪري پاڪستان جي هيءَ اهم پارٽي تاريخ جي اهم واٽ تي بيٺل آهي. هن جي رواداري، هن جي ڪارڪنن کان ويندي اصلي ليڊرشپ جي ڪُسجي وڃڻ جهڙيون روايتون هن پارٽي جي ميراث آهن. پر پارٽي کي نئين زماني ۾ نيون سياستون ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻيهر آباد ٿيڻ لاءِ قربانين بدران مناسب عوامي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جنهن جي گهرج ملڪ سميت سڄي عوام کي آهي.

اربع  6 ڊسمبر 2017ع، 17 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ پوليس جا بهترين آفيسر ۽ اڻ گهڙيل بدمعاش آفيسر

سنڌ پوليس ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. گهڙيل ۽ اڻ گهڙيل. بهترين ۽ بدمعاش. عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے