19 جمعہ , جنوری 2018

ايجنسين جي رپورٽ جو جسٽس باقر نجفي رپورٽ ۾ ذڪر آهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ايجنسين جي رپورٽ جو جسٽس باقر نجفي رپورٽ ۾ ذڪر آهي، رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته بدقسمت واقعو حالتن سبب پيش آيو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ماڊل ٽائون سانحي بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اهو سانحو 16 جون جو آهي، طاهر القادري کي ته پوءِ اچڻو هو، وڏي وزير شهباز شريف کي حلفي بيان کانپوءِ گهرايو ئي نه ويو. سندس چوڻ هو ته اهو ڪير هو جنهن سڄي پنجاب مان ماڻهن کي گڏ ڪيو، اهو ڪير هو جنهن ماڻهن کي پوليس تي حملي لاءِ اڪسايو، جيڪي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا اهي موجود آهن، زخمي ٿيل 29 پوليس اهلڪار عدالت ۾ به پيش ٿيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود قتل: مقتول کي پوليس 7 جنوري تي کنيو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نقيب الله …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے