20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جيان ڪا به قوم دهشتگردي کي مات نٿي ڏئي سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جنهن عزم سان پاڪستان دهشتگردي کي شڪست ڏني ائين ڪا به قوم دهشتگردي کي شڪست نٿي ڏئي سگهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته پاڪستان معاشي بهتري جي رستي تي روان دوان آهي ۽ معاشي بهتري سان ئي اسان جو گهر درست ٿيندو. خواجا آصف چيو ته معاشي بهتري کان سواءِ خودمختيار پرڏيهي پاليسي جوڙڻ ناممڪن آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس نيٽ وڌايو ويو ۽ وڌيڪ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، آمريڪا سان ڪجهه مسئلا ضرور آهن پر ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻار، پوڙها، اسڪول، ڪاليج، مسجد ۽ راندين جا ميدان دهشتگردي جو نشانو بڻيا، ڪجهه سالن پهرين پاڪستان ۾ دهشتگردي جو بازار گرم هو پر پاڪستان پنهنجي ڪوششن ۽ قربانين سان دهشتگردي کي مات ڏني. سندس چوڻ هو ته جنهن عزم سان پاڪستان دهشتگردي کي مات ڏني ائين ڪا به قوم دهشتگردي کي مات ناهي ڏئي سگهندي. هن چيو ته دنيا پاڪستان جي ڪاميابي ۽ قربانين کي قبول ڪري، آمريڪا کي به پاڪستان جي پوزيشن کي سمجهڻ گهرجي. خواجا آصف چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي ناڪامي جو ملبو پاڪستان تي وجهي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جي سامهون افغانستان ۾ ڀارتي ڪردار تي خدشن جو اظهار ڪيو هو جنهن تي آمريڪا افغانستان ۾ ڀارتي فوجي ڪردار نه هئڻ تي يقين ڏياريو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے