20 خميس , سيپٽمبر 2018

ماڊل ٽائون آپريشن جي رٿابندي قانون واري وزير جي نگراني ۾ ٿي: نجفي رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي تي باقر نجفي جي رپورٽ عام ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ماڊل ٽائون آپريشن جي رٿابندي پنجاب جي قانون واري وزير جي نگراني ۾ ٿي. پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي تي جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪا 132 صفحن تي ٻڌل آهي. جسٽس باقر نجفي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته سانحي کان هڪ ڏينهن اڳ 16 جون 2014ع تي راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ سول سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو، جنهن دوران طاهر القادري جي 23 جون تي لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان وقت جو سي سي پي او لاهور چوڌري شفيق گجر ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري توقير شاهه به شريڪ ٿيا، ان دوران طاهر القادري جي رهائش گاهه ۽ منهاج القرآن اداري جي ڀرپاسي ۾ لڳل بيريئر هٽائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير بيان ڏنو ته کيس ان واقعي جو 17 جون جي صبح 9 وڳي علم ٿيو ۽ هن فوري طور آپريشن روڪڻ جي هدايت ڪئي، ساڳي ڏينهن صبح 10 وڳي وڏي وزير، گورنر هائوس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس خواجا امتياز جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هو 11 وڳي ماڊل ٽائون پنهنجي رهائش گاهه پهتو، جتي هڪ وڳي تائين هن پرڏيهي وفد سان ملاقات ڪئي. ان دوران شهباز شريف ٻيهر ماڊل ٽائون جي صورتحال بابت ڪنهن کان ڪا رپورٽ نه ورتي. رپورٽ موجب 16 ۽ 17 جون جي وچئين رات منهاج القرآن جي ڀرپاسي ۾ صورتحال خراب رهي، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان پٿراءَ جي نتيجي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، 17 جون جي صبح 9 وڳي ڊي آءِ جي آپريشنز موقعي تي پهتو ۽ هن مختلف ڊويزنن جي ايس پيز کي گهرايو، پوليس عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي جواب ڏيڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي، ڊي آءِ جي آپريشنز صورتحال خراب ٿيڻ تي 11 وڳي ايليٽ فورس کي به طلب ڪيو، 12 وڳي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. منجهند ڏيڍ وڳي طاهر القادري جي رهائش گاهه ۽ منهاج القرآن جي ڀرپاسي سڀ بيريئر هٽايا ويا، پوليس موجب آپريشن ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 54 زخمي ٿيا. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جڊيشل انڪوائري رپورٽ منظر تي آڻڻ جو حڪم ڏيندي پنجاب حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيل خارج ڪري ڇڏي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے