16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

خُشڪ ميوا کائو، شگر کان محفوظ رهو

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي طبي ماهرن چيو آهي ته بادام ۽ اخروٽ جو باقاعدي استعمال شگر جي خطري کي گهٽائيندو آهي. جارج انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ جي ڊاڪٽر جيسن وو جي تحقيق موجب 10 مختلف ملڪن جي اٽڪل 40 هزار ماڻهن جي تجزياتي رپورٽ مان خبر پئي آهي ته اهي ماڻهو، جن جي رت ۾ اوميگا 6 فيٽ جو اهم جُز آهي، انهن ۾ شگر ٽائپ ٽو پيدا ٿيڻ جو خطرو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي. طبي ماهرن چيو آهي ته خوراڪ ۾ معمولي تبديلي سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ بيماري شگر جي ٽائپ ٽو کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، اوميگا 6 کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو رڳو خوراڪ ۾ سويابين، سن فلاور آئل، بادام، ڪاجو ۽ اخروٽ جو استعمال آهي، جنهن ذريعي شوگر جي ٽائپ ٽو کان بچاءُ ممڪن آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جم جا 7 ورزشي اوزار جن تي باٿ روم کان به وڌيڪ جراثيم هوندا آهن…

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ورزش جا شوقين آهيو ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے