18 جمعرات , جنوری 2018

بيت المقدس مسلمانن لاءِ ريڊ لائين قرار، ترڪي جي اسرائيل سان لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان والاريل بيت المقدس کي مسلمانن لاءِ ريڊ لائين قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪيو ته تل ابيب سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏينداسين. جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته آمريڪي صدر طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ وارين خبرن تي ڳڻتي آهي. هن ڊونلڊ ٽرمپ کي مخاطب ٿيندي چيو ته والاريل مقدس مسلمانن جي ”ريڊ لائين“ آهي ۽ اهڙي قسم جو ڪو به قدم ترڪي ۽ اسرائيل جي لاڳاپن جي خاتمي تائين وڃي سگهي ٿو. رجب طيب اردگان چيو ته ڇا واشنگٽن پنهنجا سڀ ڪم مڪمل ڪري ڇڏيا آهن؟ ڇا داعش جو مڪمل خاتمو ٿي ويو آهي جو آمريڪا هن ڪم جي پويان پيو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اهي خبرون منظر تي آيون هيون ته آمريڪي صدر والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪي سفارتخانو تل ابيب کان يروشلم منتقل ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف صحيح جاءِ تي بيٺو آهي، اسان کي ڪيرائڻ وارا پاڻ ڪِري رهيا آهن: طلال چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسان کي ڪيرائڻ وارا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے