25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شهيد ڀٽي 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا، آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، آصف زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، جڏهن جڏهن ڀٽي اقتدار سنڀاليندي 90 هزار جنگي قيدي آزاد ڪرايا، اهو ٽيون نسل آهي جيڪو جدوجهد جي علم سان ميدان ۾ سرگرم آهي،  جڏهن به آمريت مڙهي وئي تڏهن تڏهن پيپلز پارٽي بغاوت جو علم بلند ڪيو، ڀٽو جو قافلو ٿڪيو ناهي، 71 کان پوءِ جڏهن بچل پاڪستان سنڀالي نه سگهيا ته پوءِ هنن ملڪ کي ڀٽي جي حوالي ڪيو، جڏهن صورتحال نه سنڀالي سگهيا ته اقتدا ڀٽي جي حوالي ڪيو ويو. هن چيو ته آمرن جي ڪري اوڀر  ۽ اولهه پاڪستان ۾ نار وڌندو ويو، ڀٽو شهيد پاڪستان رياست کي جمهوري آئيني بنياد تي قائم ڪيو، ڀٽي پاڪستان کي مضبوطي ڏني ته غير جمهوري قوتن حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ڀٽي شهيد هن ملڪ کي آئين ڏنو، ڀٽي شهيد پاڪستان کي جمهوري ۽ پارلياماني روايتن ڏانهن وڌايو، جمهوري پاڪستان خلاف عالمي ۽ جمهوريت مخالف قوتن سازش ڪئي. اسلام آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  عوام جي سربراهه کي ڦاهي ڏئي آمر ضيا سمجهيو ته پيپلز پارٽي ختم ٿي وئي، شهيد بي بي ضيا آمر جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي، بينظير معصوم ناري هئي پر ان کي غريبن جي طاقت تي ڀروسو هو، ماءُ جي مٿي تي لڳندڙ لٺين به بينظير جو حوصلو نه ٽوڙيو، بينظير عوام لاءِ جدوجهد نه ڇڏي، شهيد بي بي نواز شريف جي امير المومنين بڻجڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو، ضيا ۽ ان جي ماڻهن عوام جي اميد کي قتل ڪيو. هن چيو ته پ پ  ميراث آهي ۽ اسان ان جا وارث آهيون. هن چيو ته صدر زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو، بي بي شهيد 30 سالن جي سياست ۾ رڳو 4 سال اقتدار ۾ رهي، شهيد بي بي مارشل لاريگوليشن جو خاتمو ڪيو، هڪ عورت دهشتگردن خلاف وڙهندي رهي، دنيا ۾ ان جو مثال نٿو ملي. بي بي شهيد آءِ ڊي پيز ذريعي بجلي آندي، ضياءَ اسلام کي پنهنجو اقتدار سنڀالڻ لاءِ استعمال ڪيو، شهيد بينظير پرويز مشرف جي منافقاڻي پاليسين جي مخالف ڪندي رهي. هن وڌيڪ چيو ته وطن واپسي تي بي بي شهيد دهشتگردن کي للڪاريو، ملازمن کي بحال ۽ مستقل ڪيو ويو، ڌرتي کي آئون بچائيندس ۽ توهان بچائيندا جڏهن ته اسان اقتدرا پنهنجي ذات يا پارٽي لاءِ  نه پر عوام لاءِ چاهيون ٿا، اسان ملڪ بچائڻ چاهيون ٿا، جمهوريت واپس آڻڻ چاهيون ٿا، زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ مون جمهوريت بهترين انتقام جو. انقلابي جدوجهد جاري رکنداسين، ملڪ جو عوام ئي طاقت جو سرچشمو آهي، عدالتي، پوليس ۽ سول سروس ۾ سڌارا اسان جي پهرين ترجيح آهي، جمهوريت ئي هن ملڪ کي گڏ رکي سگهي ٿي، اسان جي نظر ۾ جمهوريت ئي ملڪ کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي ۽ پاڪستان کي حقيقي سماجي جمهوري ملڪ بڻائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے