23 آچر , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب کي آمريڪي سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ڪابينا آمريڪا طرفان پنهنجو سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪا طرفان اسرائيل ۾ پنهنجو سفارتخانو والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر في الحال ان کي ملتوي ڪيو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان هوگن گڊلي موجب صدر ٽرمپ اسرائيل ۾ سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ جي حوالي سان في الحال ڪو فيصلو ناهي ڪيو، ان بابت وقت اچڻ تي فيصلو ڪنداسين ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اعلان به ڪيو ويندو. هوڏانهن سعودي ڪابينا جو چوڻ آهي ته اسان فلسطينين جي حق جي مڪمل حمايت ڪندي بيت المقدس کي فلسطيني رياست جو راڄڌانو تسليم ڪيون ٿا. آمريڪي حڪومت پنهنجي قدم سان پيدا ٿيندڙ ناڪاري نتيجن تي غور ڪري ۽ فلسطين مسئلو عالمي قرار دادن تحت حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ڀارت کي ڪاميابيءَ لاءِ 238 رنسن جو هدف

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي ڪاميابي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے