17 بدھ , جنوری 2018

قانوني طور جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ غير اثرائتي، ڪو به حڪومتي شخص ذميوار قرار ناهي ڏنل: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته  ماڊل ٽائون سانحي بابت رپورٽ ۾ ڪنهن به حڪومتي شخص کي ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو. رپورٽ ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ماڻهن کي گڏ ڪنهن ڪيو آهي،  رپورٽ شهادت جي طور تي پيش نٿو ڪري سگهجي، تڪرار جي صورتحال پي اي ٽي جي ڪارڪنن پيدا ڪئي، قانون جي نظر ۾ جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ غير موثر آهي، ان رپورٽ ۾ هڪ لفظ به اهڙو ناهي جيڪو پنجاب جي وڏي وزير کي ذميوار قرار ڏئي. اسان جي مخالف پنڊي ۾ ويٺل شيطان رپورٽ بابت طوفان آندو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته  ماڊل ٽائون سانحي بابت رپورٽ ۾ ڪنهن به حڪومتي شخص کي ذميوار قرار ناهي ڏنو ويو، علامه طاهر القادري کي 14 آگسٽ جي لانگ ماچ لاءِ لاش گهربل هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي اي ٽي ماڻهن کي گڏ ڪيو جڏهن ته رپورٽ ۾ واقعي واري هنڌ تي موجود ڪنهن به پوليس اهلڪار کي ذميوار ناهي قرار ڏنو ويو. پنجاب حڪومت قانون ۽ ميرٽ جي حڪراني تي يقين رکي ٿي، عدالت حڪومت کي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جاري ڪرڻ جو چيو آهي، واقعي جا بي شمار ثبوت ميڊيا وٽ آهن ويڊيوز ڪلپس جي صورت ۾ موجود آهن، اهي ڪير هو جيڪو سٺي رات چوندو رهيو ته شهادت جو وقت اچي ويو آهي ٻاهر نڪرو؟ اهو ڪير جنهن جي ڪري اها بدقسمت صرتوحال پيدا ٿي؟ علامه قادري جن ماڻهن کي مظلوم ۽ غريب قرار ڏئي رهيو آهي انهن کي پوليس تي حملي لاءِ گڏ ڪيو ويو هو. هن چيو ته  ماڊل ٽائون سانحي واري رپورٽ نقصانن سان ڀريل آهي. هن چيو ته  ايجنسين جي رپورٽ کي ان رپورٽ سان ناهي سلهاڙيو ويو، رپورٽ ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ طرفان ڪا به شهادت ناهي ٿي، پي اي ٽي ان وقت بائيڪاٽ ڪيو هو، جوڊيشل ڪميشن رپورٽ ۾ ثبوت هڪ طرفا آهن، مختلف ايجنسين جي رپورٽ ۾ ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے