16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

همنگ برڊ پنهنجي طاقتور دل جي ڪري تيزي سان ٻانهن لوڏيندو آهي: تحقيق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) همنگ برڊ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ عام طور موجود ننڍو ۽ خوبصورت پکي آهي جيڪو قدرت جو هڪ شاهڪار آهي. هي پنهنجا پر ۽ ٻانهون ان تيزي سان لوڏيندو آهي جو ان جو آواز ٻڌي سگھجي ٿو ۽ هي گھڻي دير تائين هوا ۾ اڏندنو رهي ٿو. ماهرن موجب ان جو سبب ان ننڍي پکي جي طاقتور دل آهي. همنگ برڊ جا 80 کان وڌيڪ قسم آهن جن جي ڊيگھه ٽن کان پنجن انچن تائين هوندي آهي ۽ دنيا جو سڀ کان ننڍو همنگ برڊ رڳو 5 سينٽي ميٽر تائين هوندو آهي جنهن جو وزن ڪجهه گرام ئي هوندو آهي. ان سان گڏ سندس رفتار هڪ ڪلاڪ ۾ 80 ڪلو ميٽر نوٽ ڪئي وئي آهي. همنگ برڊ جي سڀ کان زبردست ڳالهه سندس پرن جو تيز ڦڙڪڻ آهي جنهن تي ماهر هڪ عرصي کان تحقيق ڪري رهيا آهن. سائنسدانن موجب سندس دل جسم جي حساب سان گھڻي وڏي ۽ طاقتور آهي ڇو ته وڏي دل جسم ۾ وڌيڪ رت موڪليندي آهي ۽ ان سان همنگ برڊ پنهنجي پرن کي تيزي سان ڦڙڪائيندو آهي ۽ ڪنهن هيلي ڪاپٽر جيان هوا ۾ اڏندو رهندو آهي. ان عمل لاءِ گھڻي توانائي جي ضرورت پوندي آهي. ماهرن 915 پکين جو جائزو ورتو ۽ سندن جسامت ۽ دل جي حجم کي نوٽ ڪيو. انهن مان جن پکين جي دل سندن جسم جي حساب سان ننڍي هئي اهي ٿوري دير اڏيا جڏهن ته وڌيڪ تيز پر لوڏيندڙ ۽ ڊگھي اُڏام ڪندڙ پکين جون دليون وڏيون هيون. سائنسدانن انڪشاف ڪيو ته وڏي دل جو هي  پکي ٻين پکين جي مقابلي ۾ ٽي سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي. ان جي مقابلي ۾ پيلي ڪن جي دل جو وزن رڳو 0.8 سيڪڙو هوندو آهي. اهڙي ريت همنگ برڊ جي دل سمورن پکين ۾ سندس جسم جي حساب سان سڀ کان وڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ 5 ڊجيٽل اشارا پيش ڪري ڇڏيا

سان فرانسڪو (ويب ڊيسڪ) ذهن تي زور ڏيو ته آخري ڀيري توهان فيس بڪ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے