16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ڏند صاف نه ڪندڙن کي کاڌي واري نالي جي ڪينسر جو خطرو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته روزانو ڏند صاف نه ڪندڙ ماڻهن ۾ کاڌي واري نالي جي ڪينسر ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. ڏندن جي مرضن بابت اها تحقيق آمريڪا ۾ هڪ لک 22 هزار ماڻهن تي ڪئي وئي جنهن کي ڪينسر ريسرچ نالي رسالي شائع ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته روزانو ڏند صاف نه ڪرڻ جو عمل جتي ڏندن جي مرض جو سبب بڻبو آهي اتي ئي ڏندن ۾ موجود بيڪٽيريا سبب کاڌي واري نالي جي ڪينسر ٿيڻ جي امڪان ۾ 21 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي. تحقيق موجب انهن ماڻهن جي مشاهدي سان خبر پئي آهي ته ڏندن جي مرض جو کاڌي واري نالي سان گهرو تعلق آهي، ڏندن ۾ موجود بيڪٽيريا کاڌي واري نالي تي ناڪاري اثر پيدا ڪندا آهن جيڪي ڪينسر جو سبب ٿي سگھن ٿا. تحقيق ۾ شريڪ نيويارڪ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن جي ايسوسي ايٽ پروفيسر جيونگ آهن جو چوڻ آهي ته کاڌي واري نالي جي ڪينسر عام طور ٿيندڙ ڪينسر ۾ اٺين نمبر تي آهي جڏهن ته ان سان ٿيندڙ موت ڪينسر سان ٿيندڙ موت ۾ ڇهين نمبر تي آهي ڇو ته کاڌي واري نالي جي ڪينسر جي ان وقت تائين خبر نه پوندي آهي جيتري تائين هو پنهنجي آخري اسٽيج تائين نه پهچي وڃي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 5 ورهين ۾ ان مرض جو شڪار ٿي بچي ويندڙ ماڻهن جو انگ رڳو 15 کان 25 سيڪڙو آهي. ان مرض جو شڪار باقي ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويهندا آهن. کاڌي واري نالي جي ڪينسر انتهائي موت مار مرض آهي جنهن جي فوري سڃاڻپ ۽ مرض کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ فوري علاج جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جم جا 7 ورزشي اوزار جن تي باٿ روم کان به وڌيڪ جراثيم هوندا آهن…

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان روزانو ورزش جا شوقين آهيو ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے