18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي پارٽي صدر بڻجڻ بابت ڪيس ۾ نوٽس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صدر بڻجڻ خلاف داخل درخواست تي نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشڻ کي جواب ڏيڻ لاءِ ٽيون ڀيرو نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت جي معاملي ۾ دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل، حسن اورنگ تي ٻڌل ذويزن بينچ ٻڌڻي ڪئي. مخدوم نياز انقلابي سنگل رڪني بينچ جي فيصلي کي انٽرا ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو. درخواستگذار طرفان چيو ويو آهي ته نواز شريف نااهل قرار ڏيڻ کان پوءِ اعليٰ عدليه جي مسلسل تذليل ڪئي، اڳوڻي وزير اعظم ريلي سان گڏ لاهور ويندي عدالتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو. جسٽس عامر فاروق اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ٻيهر پارٽي صدر بڻجڻ خلاف داخل درخواست تي نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي جواب ڏيڻ لاءِ ٽيون ڀيرو نوٽس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کان لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا جڏهن ته عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي کان پهرين نواز شريف عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي. وفاق طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل راجا خالد محمود جواب ڏيڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري اين آر او ڪيس ۾ اثاثن جا تفصيل گهرڻ واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے