18 اربع , جولاءِ 2018

فاٽا سڌارن لاءِ جماعت اسلامي جو اسلام آباد ڏانهن مارچ ۽ ڌرڻي جو اعلان

اسلام آباد/راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي فاٽا سڌارن تي عملدرآمد لاءِ 10 ڊسمبر تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي سامهون ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فاٽا سڌارن تي عملدرآمد لاءِ جماعت اسلامي 10 ڊسمبر تي خيبر پاس کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ ۽ پارليامينٽ هائوس جي سامهون ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي ڪي پي ڪي جي امير مشتاق احمد خان، جماعت اسلامي جي نائب ميان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فاٽا جو معاملو انساني الميو بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي 11 ڊسمبر تي اٽڪ کان فيض آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو ۽ 12 ڊسمبر تي فيض آباد کان پارليامينٽ هائوس تائين مارچ ۽ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو اڻ ڄاتل مدي تائين جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب عملدارن خلاف صائمه احد جي درخواست تي چيئرمين نيب کان جواب طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪرپشن جي الزام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے