21 ہفتہ , اپریل 2018

ڪوئيٽا ۾ ڊي آءِ جي حامد شڪيل تي حملي ۾ مددگار گرفتار

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، را ۽ اين ڊي ايس بلوچستان جون حالتون خراب ڪري رهيون آهن. ڊي آءِ جي حامد شڪيل تي حملي ۾ ملوث جاوبدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن ۽ سندن مددگارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گرفتار دهشتگرد پليس آفيسرن تي حملن ۾ به ملوث آهن. سندس چوڻ هو ته افغانستان مان آپگهاتي بمبار کي آڻيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، بلوچستان ۾ وڏن حملن جي مددگارن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي. سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ انجام تائين پهچائي ويندي ۽ شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙيءَ جو حساب ورتو ويندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران بابت ڪابينا ڪميٽيءَ جو اجلاس طلب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے