25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

افغان صدر اشرف غني حجاب بابت تڪراري بيان تي معافي وٺي ڇڏي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان صدر اشرف غني حجاب بابت تڪراري بيان تي عورتن کان معافي وٺي ڇڏي. افغان صدر اشرف غني ڪجهه حڪومتي اهلڪارن جي پاڻ کي دولت اسلاميه چوندڙ شدت پسند تنظيم سان تعلق بابت سوالن جا جواب ڏيندي چيو هو ته ماڻهن شاهديون ڏين يا وري عورتن وانگر حجاب پهري ڇڏين. ماڻهن اشرف غني جي بيان کي جنسي تعصب تي ٻڌل قرارڏنو جنهن تي افغان صدر اشرف غني عورتن کان معافي وٺندي چيو ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي. افغان صدارتي محل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته افغان صدر عورتن جي حقن جو سرگرم حمايتي آهي جڏهن کان افغانستان جي صدر جو عهدو سنڀاليو آهي تنهن وقت کان عورتن جي پوزيشن کي بحال ڪرڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ منفرد قدم کنيا آهن. بيان موجب صدر طرفان چادر جي لفظ جي استعمال کي غلط مفهوم ۾ ورتو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Only evidence evidence will be based on Money Laundering cases: British Home Minister

مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ رڳو چٽن ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ٿيندي: برطانوي گهرو وزير

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي گهرو وزير ساجد جاويد چيو آهي ته برطانيا پاڪستانين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے