26 جمعرات , اپریل 2018

شهباز شريف ۽ ٻين ذميوارن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: طاهر القادري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان عدليه جو وقار بلند ٿيو آهي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت سمورن ذميوارن کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، قانون جي طاقت سان حڪمرانن جون ڳچيون پڪڙيون وينديون. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته حڪومت معصوم ماڻهن کان حياتيون کسيون، حڪمرانن مان چڱائي جي اميد ناهي. هن چيو ته کين ڪابه ٽياڪڙي نه گهرجي، حڪمرانن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته مظلوم ماڻهن لاءِ قصاص ۽ انصاف گهرجي، يتيمن جون پٽون ۽ پاراتا کين ڪنهن به قيمت تي بچڻ نه ڏيندي، ٻئي ڀائر ۽ سندس ساٿي جلد جيل ۾ هوندا. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ 14 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، 90 کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ذميواري مٿس لاڳو ٿي ته فوري طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سنگل بئنچ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. طاهر القادري چيو ته واقعي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٽربيونل ذريعي جاچ جو مطالبو ڪيو جيڪو رد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے