16 سومر , جولاءِ 2018

آمريڪا پنهنجو سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي بابت فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. وائيٽ هائوس جي ترجمان هوگن گڊلي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۾ سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي بابت في الحال ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي ۽ هو معاملي ۾ هميشه کان ڪليئر آهي. ترجمان چيو ته سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ بابت وقت اچڻ تي فيصلو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اعلان به ڪيو ويندو. سينئر آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ طرفان عارضي حڪم نامو جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران اسرائيل ۾ موجود آمريڪي سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪا طرفان والاريل بيت المقدس ۾ سفارتخانو منتقل ڪيو ويو ته عرب ملڪن طرفان اهڙي قدم کي اسرائيل جو گادي واري هنڌ تسليم ڪيو ويندو جنهن خلاف وچ اوڀر ۾ پرتشدد مظاهرا به ٿيڻ جو خدشو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے