17 اربع , جنوري 2018

واجد ضياءُ پاڻ ڪرپٽ انسان آهي هن پنهنجي ئي سئوٽ جي ڪمپني کي پيسا ڏنا: ڪيپٽن صفدر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مريم نواز جي مڙس ۽ ليگي اسميبلي ميمبر ريٽائرڊ ڪيپٽن صفدر چيو آهي ته واجد ضياءُ پاڻ ڪرپٽ انسان آهي جنهن لنڊن ۾ جاچ لاءِ پنهنجي ئي سئوٽ جي ڪمپني کي پيسا ڏنا. هن چيو ته آئون واجد ضيا کي ضرور گهرائيندس ۽ ان کان پڇندس ته گريڊ 19 جي اهڙن آفيسرن جي هٿان پارليامينٽ جو تقدس پامال نه ٿيڻ ڏيندس. اسلام آباد ڌرڻي بابت هن چيو ته ڌرڻي جي پٺيان خبر ناهي ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا هٿ هئا، ڌرڻي وارن سان معاهدو ٻئي ڪنهن جاءِ تان ٿيو، جيڪڏهن ڌرڻي وارن کي حڪومت سان معاهدو ڪرڻو هو ته 22 ڏينهن پهرين ئي ڪري وٺن ها. احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف پاڪستان کي اڳتي کڻي وڃڻ چاهي ٿو، ان ڪري هن کي ڪڍيو ويو، هن کي ميڊ اِن پاڪستان هئڻ جي ڪري ڪڍيو ويو، محب وطن سياستدانن کي اڳتي ناهي اچڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته آزمائشون ماڻهن تي اينديون رهنديون آهن، هر حق واري تي ڏکيو وقت ايندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے