25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز:ڪنب ڀرسان ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک بڻجي ويو

ڪنب ڀرسان ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک بڻجي ويو، ج0هن تھ گهر ڌڻي سري شديد زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ پورهيت شير محمد شيخ جي گهر کي بجلي جي تار مان اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب گهر ڌڻي شير محمد شيخ سڙي زخمي ٿي پيو.

زخمي کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 4 ٻڪريون هڪ گابو ۽ گهر ۾ پيل هنڌ کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو .

آخري اطلاع تائين چونڊيل نمائندن مان ڪوبه به باھ متاثرن وٽ نه پهتو هو ،

متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جڏهن تھ هنن  وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiyaCityMissingGirl

نيوز | ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج

ڀرياسٽي ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ سندس وارثن پاران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے