16 اڱارو , جنوري 2018

عوامي آواز نيوز: کپرو  ويجهو بزم طالب الموليٰ شاخ پاران  حضرت محمد صلي الله عليـه وسلم جي جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي ۾ نعت مشاعرو ٿي گذريو

 کپرو  ويجهو بزم طالب الموليٰ شاخ پاران  حضرت محمد صلي الله عليـه وسلم جي جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي ۾ نعت مشاعرو ٿي گذريو.

درگاھ  حضرت منٺار فقير راڄڙ تي بزم طالب المولا شاخ حضرت منٺار فقير راڄڙ پاران حضرت محمد صلي الله عليـه وسلم جي جشن عيد ميلادالنبي جي سلسلي ۾ نعت مشاعرو ٿي گذريو ، مشاعري جي صدارت بزم طالب المولا شاخ کاڻي راڄڙ جي چئرمين محمد بخش ضامن راڄڙ ڪئي.

 مشاعري ۾ شاعر امام بخش منڱريو، محمد رمضان ڪسيم سميجو، غلام مري، سخي محمد مهمان راڄڙ، نياز منڱريو، ذاڪرشر ۽ ٻين پنهنجون  نڪور نعتون ٻڌائي مشاعري ۾ دليون چمن ڪري ڇڏيون ، جڏنهن تـ کپرو جي نعت خوان عبدالحليم درس پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نعت شريف ٻڌائي دليون کٽي ورتيون..

مشاعري جي صدارت ڪندڙ فقير محمد بخش ضامن پنهنجي نعت شريف پڙهي داد وصول  ڪيو، جڏنهن تـ مشاعري ۾ فقير محمد راڄڙ،محمد صالم سميجو، محسن راڄڙ، ارباب گجو، محمد يوسف هنگورجو، سميت ڪيترن ئي عاشقان رسول ڪريم صلي الله عليـ وسلم شرڪت ڪئي…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن رٽائيرڊ صفدر سان گڏاحتساب عدالت ۾ پيش

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن ريٽائرڊ صفدر سان گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے