18 جمعرات , جنوری 2018

پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلو 13 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن بابت فيصلو 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سنڌ جي ميمبر جي پرڏيهه هئڻ جي ڪري ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، چيف اليڪشن ڪشمنر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ ٻيون ڀيرو درخواست کي اسان جي ڪري ملتوي ڪيو پيو وڃي، سنڌ وارو ميمبر اردن مان 12 ڊسمبر تي واپس ايندو، پي ٽي آءِ انٽر پارٽي چونڊن بابت فيصلو 13 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے