20 خميس , سيپٽمبر 2018

تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ آصف جلالي ۽ خادم حسين رضوي جا نالا فورٿ شيڊول مان ڪڍڻ جو فيصلو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ آصف جلالي ۽ خامد حسين رضوي جا نالا فورٿ شيڊول مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب فيض آباد ڌرڻي وقت حڪومت ۽ مذهبي تنظيمن ۾ طئي ٿيو هو ته ٻنهي اڳواڻن جا نالا فورٿ شيڊول مان ڪڍيا ويندا. ذريعن موجب پنجاب جي گهرو کاتي ٺاهه تحت خادم حسين رضوي ۽ اشرف جلالي جا نالا فورٿ شيڊول مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا به لسٽ مان ڪڍڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب لسٽ مان نالو ڪڍڻ جو فيصلو تحريڪ لبيڪ جي لکت درخواست تي ڪيو ويو آهي ان حوالي سان پنجاب جي گهرو کاتي مختلف ڳجهن ادارن سان اهڙن ماڻهن جي سرگرمين جي لسٽ طلب ڪئي آهي جنهن بعد ئي سندن نالا لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.  ذريعن موجب مختلف مختلف مذهبي ۽ سياسي تنظيمن جي پارٽين جي 1500 کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا لسٽ ۾ شامل آهن. گهرو کاتي جي حڪم تي ڌرڻي دوران گرفتار ٿيل تحريڪ لبيڪ جي 1500 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو  ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے