16 اڱارو , جنوري 2018

اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف گهرواري سان عيادت لاءِ لنڊن روانو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پنهنجي گهر واري ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، مريم نواز ۽ سندس ڌي به ساڻس گڏ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف پرڏيهي ايئر لائن جي اڏام کان دوحا ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو. ايئرپورٽ تي ليگي اڳواڻ اشتياق لون ۽ ٻين نواز شريف کي رخصت ڪيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف لنڊن ۾ 5 ڏينهن ترسندو جتي هو پنهنجي گهر واري ڪلثوم نواز جي عيادت به ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

برطانوي اسڪول ۾ روزو رکڻ ۽ حجاب پائڻ تي پابندي لاڳو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي هڪ وڏي سرڪاري اسڪول ۾ ننڍڙين شاگردياڻين جي حجاب پائڻ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے