25 سومر , جون 2018

اين ٽي ايس جا نتيجا برقرار رکڻ جو حڪم، ٻيهر ٽيسٽ بابت وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن رد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ٽي ايس بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي سنڌ جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ٽي ايس بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ ميرٽ تي ڏني، پيپر رد ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، اسان ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ٻيهر ٽيسٽ غير قانوني آهي، عدالت کي درخواست آهي ته سنڌ حڪومت جي ٻيهر پرچو وٺڻ جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪيو وڃي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ اين ٽي ايس جي نتيجن کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪا ڌر چاهي ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان اختلافن بابت جلد قوم کي حقيقت ٻڌائيندس: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه پي ٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے