23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيب ريفرنسز: نواز شريف جي اڪائونٽ مان مريم کي ڏنل رقم جا تفصيل پيش

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي بئنڪ اڪائونٽ مان مريم نواز سميت ٻين ماڻهن کي منتقل ڪيل رقم جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت ۾ شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي. فريادي ڌر جي شاهد ملڪ طيب بيان قلمبند ڪرايو. عدالت ٻن شاهدن مختار ۽ عمر درزاز کي گهرايو آهي جڏهن ته نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز حاضري کان ڇوٽ سبب پيش نه ٿيا آهن. ٻڌڻي دوران ڪيپٽن صفدر به حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي 15 ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي،  سندس غير حاضري ۾ فيصل عرفان ايڊووڪيٽ پيش ٿيندو. ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي شاهد طرفان نواز شريف جي بئنڪ اڪائونٽس مان مريم صفدر سميت ٻين ماڻهن کي جاري چيڪن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. تفصيلن موجب نواز شريف جي اڪائونٽ مان مريم صفدر کي 12 جون 2015ع تي 12 ملين جڏهن ته 15 نومبر 2015ع تي 28 ڏهائي 8 ملين، 14 آگسٽ 2016ع تي 5 ڏهائي 16 ملين جو چيڪ ڏنو ويو. احتساب عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام معمول کان گهٽ آهن، پوليس اهلڪارن جا ڪجهه آفيسر مقرر آهن، جڏهن ته رستا به بند نه ڪيا ويا آهن ۽ نواز شريف ۽ مريم نواز جي غير حاضري سبب ن ليگ جا ڪارڪن به موجود نه آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے