24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪ- آمريڪا لاڳاپا

پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ به لڳ ڀڳ ايتري ئي پراڻي آهي،جيتري هن ملڪ جي قيام جي. هن ملڪ جي قائم ٿيڻ جي ٻن سالن کانپوءِ يعني 1949ع ۾ پاڪسان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان، جيڪو چونڊيل نه پر نامزد وزيراعظم هو، تنهن روس طرفان مليل دوري جي دعوت تي ڪا مثبت موٽ ڏيڻ بدران سفارتي وسيلا استعمال ڪندي آمريڪا کان دعوت گهرائي، ايئن سفارتي چينلن ذريعي مليل دوري جي دعوت قبوليندي. هن آمريڪا جو دورو ڪيو هو. ايئن پاڪستان ۽ آمريڪا  جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين خودمختيار  برابريءَ جي بنياد تي استوار ٿي نه سگهيا آهن.

گذريل لڳ ڀڳ ستر سالن ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا لاهن ۽ چاڙهن جو شڪار رهيا آهن. مورڳو ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته آقا ۽ غلام وارا رهيا آهن. يعني آمريڪا ڪڏهن به پاڪستان کي پنهنجي برابر سمجهيو ئي ناهي، جڏهن وڻيو اٿس تڏهن پاڪتان کي استعمال به ڪيو اٿائين ۽ پوءِ ان سان ” ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري پر ڪئي اٿائين. ايئن چوڻ به غلط نه ٿيندو ته پاڪستان کي استعمال ڪيو پئي ويندو رهيو آهي ۽ ايئن استعمال ٿيندڙ به رهيا آهيون ۽ آمريڪا بهادر هٿان استعمال ٿيڻ وارن لاڳاپن تي فخر به ڪندا رهيا آهيون .

ڪالهه آمريڪا جو بچاءُ وارو وزير جيمز ميٽس هڪ ڏينهن جي پاڪستان جي دور تي پهتو، دوري دوران هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ٻين اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. جيمز ميٽس جنهن ڏينهن پاڪستان پهتو، ان ڏينهن آمريڪي سي آءِ اي جي سربراهه جو هي بيان ميڊيا  جي زينت بڻيو آهي، جنهن ۾هن ڌمڪي ڏني آهي ته پاڪستان دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ختم نه ڪيا ته اسان پاڻ ڪارروائي ڪنداسين. جڏهن ته آمريڪي بچاءَ  جي وزير  پاڪستان آمد کان اڳ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي بچاءَ جي وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي پهريون دورو آهي ۽ هو دهشتگردن جا محفوظ ٿاڪ ختم ڪرڻ جو آمريڪي مطالبو سندس دوري دوران ورجائيندو. جڏهن ته پاڪستان جي عملدارن به چئن لفظن ۾ چيو آهي ته آمريڪا جهڙا لاڳاپا قائم ڪندو. ان کي اهڙو ئي جواب ڏنو ويندو.

پاڪ آمريڪا لاڳاپا پاڪستان اندر جمهوري دورن يا ايئن کڻي چئجي ته چونڊيل حڪومت جي دورن ۾ هميشه ماٺار جو شڪار رهيا آهن، جڏهن ته ايوب خان کان ويندي، جنرل ضياءَ ، جنرل پرويز مشرف تائين آمريتن جي دورن ۾ هميشه گرمجوشيءَ وارا رهيا  آهن ۽ انهن ئي دورن ۾ پاڪستان لاءِ امداد جا به آمريڪا کوليندو رهيو آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ملڪي ۽ ملڪي عوام جي تقدير ۽ ملڪ جي مستقبل جي فيصلي جو اختيار فرد واحد کي هئڻ ڪري پاڪستان افغان جنگ ۾ شامل ٿيو. يقيني طور ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ سان آمريڪا مان اربين ڊالر امداد جي راهه ته پاڪستان لاءِ هموار ٿي پر هن سماج ۽ خطي کي ان جو جيڪو نقصان  برداشت ڪرڻو پيو، تنهن جو ازالو اڃا ٿي نه سگهيو آهي. مورڳو هي خطو ۽ ملڪ ان وقت اختيار ڪيل پاليسيءَ جا لوڙ اڃا لوڙي رهيو آهي.

انتهاپسندي، دهستگردي، خودڪش حملا، روشن خيال، ترقي پسند ۽ استدال پسند ڌرين جي رستا روڪ، ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن ڪلچر، ڪاپي ڪلچر، مطلب ته اهي سڀ برايون جن سان هي سماج ۽ نسلن جا نسل تباهه ٿين. ملڪي ترقيءَ اڳيان بند اچن، اهي سڀ آمريتن جا هن ملڪ کي ڏنل تحفا آهن ۽ ان جو آمريڪا نامدار ئي ذميوار آهي. جيترا سندس مقامي ساٿاري آمريڪا سوويت فوجن کي افغانستان مان تڙي ڪڍڻ لاءِ جهاد جي جنهن سوچ کي تاتي پالي وڏو ڪيو، تنهن سوچ هن سماج کي چوکنڀو  وڪوڙي ڇڏيو، سماج جي  امن کي تاراج ڪري ڇڏيو. افغانستان مان سوويت فوج ته نڪري وئي پر افغانستان ۾ ۽ هن خطي ۾ دائمي امن جو قيام هڪ خواب بڻجي ويو جو آمريڪي افغان ڌٻڻ ۾ ڦاٿو ته اتان نڪرڻ محالءُ ٿيو اٿس ۽ اتي جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، تنهن جو الزام وري پاڪستان تي هڻي ٿو ۽ پاڪستان اندر ڪارواين جون ڳالهيون به ڪري ٿو.

دنيا سان لاڳاپا ڪيئن هجن، ڪهڙن ملڪن سان ڪهڙي سطح تي لاڳاپا قائم ڪجن، تنهن جو فيصلو پارليامينٽ  کي  ڪرڻ گهرجي ڇو ته پارليامينٽ ئي 20 ڪروڙ عوام جو نمائندو ادارو آهي.

اڄ جو دور ڪنهن به ملڪ جو ڪنهن ملڪ جي ماتحت ٿي يا ان جي اشاري ۽ ڊڪٽيشن تي هلندي ڪم ڪرڻ جو دور ناهي، دنيا جي قومن ۾ عزت ۽ فخر سان فقط ۽ فقط خودمختيار برابريءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪري ئي رهي سگهجي ٿو، نه رڳو آمريڪا پر دنيا جي ڪنهن به ملڪن سان قائم لاڳاپن جو جائزو وٺندي آزاد پاليسي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن ته ڪنهن جي هٿان استعمال ٿي سگهجي، نه ئي ڪنهن کي موقعو ڏجي  جو هو پاڻ کي هن ملڪ ۽ عوام جو آقا سمجهي.

اڱارو 5 ڊسمبر 2017ع، 16 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے