16 سومر , جولاءِ 2018

عوامي آواز رپورٽ:کپري ۾ ثفافتي ويس وڳا پهري قومي گيتن تي رقصي ڪندي سنڌ امڙکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ناظرين اڄ ٻئي ڏينهن به سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرڻ ڌرتي ڌڻي روڊن تي نڪري آيا، سنڌ جي مختلف شهرن وانگر کپري ۾ ثفافتي ويس وڳا پهري قومي گيتن تي رقصي ڪندي سنڌ امڙکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي وڌيڪ تفصيلي رپورٽ پيش عوامي آواز ٽي وي  جي رپورٽ عبدالرزاق راجپوت جي هن رپورٽ …………………………….

کپري جي سيد قطب شاهه پبلڪ اسڪول ٿومي ۾ ثقافتي تقريب منقعد ڪئي وئي ، جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

شاگردياڻين  جي زليخان گروپ ، ڌني گروپ ، گلان گروپ  ۽ صاحبان  گروپ پاران مختلف ٽيبلوزگهوٽ جي ميندي جي رسم،  گهوٽ ڪنوار جي شادي ۽ رخصتي جي رسم پيش ڪئي وئي، شاگردياڻين مقامي اڇڙي ٿر جا نج سهرا ڳائي تقريب  کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

شاگردياڻين پاران گهر ۾ رڌ پچاءِ رليون ڀرڻ سميت جنڊ پيهڻ ۽ ڇڄ ۾ ڪڻڪ صاف ڪرڻ سميت  چيلهه تي دلا کڻي پاڻي ڀرڻ سميت مختلف آئٽم پيش ڪري خو ب داد وصول ڪيو

شاگردن عبدالرحيم گروپ ، عثمان گروپ ، محرم گروپ ، هريش ڪمار گروپ پاران ثقافتي ويس پهري  مختلف خاڪا پيش  ڪندي سڄي لٽي ورتي

تقريب جي آخر ۾ مختلف خاڪا پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعامن سان نواز ويو ۽ اهو وچن ورجايو ويو ته هر سال هن ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ………………………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Rangers and coupon operations of the police, many suspects were arrested

نيوز: چمبڙ: رينجرز ۽ پوليس جو ڪومبنگ آپريشن، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار

*چمبڙ ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪومبنگ آپريشن ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے