26 جمعرات , اپریل 2018

عوامي آواز نيوز |ڊگهڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي

ڊگهڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا.
گوشت مارڪيٽ ڀرسان ٻارن جي معمولي ڳالهه تان برهماڻي ۽ جٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هٿياربندن گوليون هڻي زاهد عرف زيدي جٽ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
جهيڙي جي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي نوجوان کي کڻائي اسپتال پهچايو.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب طبي امداد ڏئي حيدرآباد جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي…………………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ڊرٻ ميهر شاهه: سخي لالڻ شاهه بخاري جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع

ڊرٻ ميهر شاهه ۾سخي لالڻ شاهه بخاري جو ساليانو ٽن ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے