23 ڇنڇر , جون 2018

گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس: ڳجهن ادارن عدالت سان سچ ناهي ڳالهايو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ڳجهن ادارن عدالت کان سچ ناهي ڳالهايو. تفصيل موجب جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اعجاز افضل پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته حراستي مرڪزن ۾ موجود ماڻهن جو ٽرائل ڇو ناهي ڪيو ويندو، ڪنهن شهري کي اڻ ڄاتل مدي تائين حراست ۾ نٿو رکي سگهجي. سرڪاري وڪيل چيو ته گم ٿيل شهري تاصف ملڪ جي حراستي مرڪز ۾ گهروارن سان ملاقات ڪئي وئي. تاصف ملڪ جي سهري چيو ته رڳو ٽن منٽن جي ملاقات ڪرائي وئي جنهن ۾ به چار گارڊ گڏ بيٺا هئا. درخواستگذار آمنه مسعود جنجوعا چيو ته ست سال ٿي ويا، گم ٿيل ماڻهن جا وارث قطارن ۾ بيٺل آهن، هڪ گم جي ڪيس جو وارو 7 مهينن کان پوءِ ايندو آهي. جسٽس دوست محمد چيو ته ڳجهي حراس غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، سالن کان ماڻهو ڳجهي حراست ۾ آهن، بدقسمتي سان ڳجهن ادارن عدالت کي سچ ناهي ٻڌايو، ڪنهن به ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي قانون جي موجب سزا ڏيو، آئين چوي ٿو ته چوويهن ڪلاڪن ۾ مجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جو ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ عرفان الله اخوانزاده ساٿين سميت پيپلز پارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے