25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز |ڪوٽڏيجي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ لاءِ خلاف احتجاج

ڪوٽڏيجي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن سنڌ حڪومت جي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ لاءِ واري اعلان خلاف احتجاج ڪيو ويو.

استادن علي ڏنو پنهيار، محمد اسلم ڀٽي ۽ احمد بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري تعليم کاتي جي وزير خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ هو ته هو تعليم کاتي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪن ٿا.

سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت اهڙو فيصلو ڪري هزارين محنتي استادن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب استادن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت کين پڪا ڪرڻ بدران کين غير قانوني طريقي سان نيڪالي ڏيڻ لاءِ اهڙي قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سندن پريشانين کي گھٽايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri, STP, KalabaghDAm

نيوز | ڪوٽڙي: ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت ۽ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے